هندستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر رچرڊ سٽيگ چيو آهي ته دنيا کي افغانستان ۾ هندستان جي ڪردار کان سبق سکڻ گهرجي.
ايندڙ هفتي برطانيا ۾ افغانستان جي باري هڪ ڪانفرنس منعقد ٿيندي هن ڪانفرنس باري ٻڌائيندي برطانيا جي هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته هندستان تباهه ٿيل افغانستان ۾ وڏا ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کان دنيا کي سبق سکڻ گهرجي. برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ هو ته هي ڪانفرنس هندستان لاءِ هڪ بهترين موقعو هوندو ته هو دنيا کي پنهنجي ڪمن جي باري ٻڌائي سگهي. هن چيو آهي ته هينئر تائين افغانستان ۾ هندستان پاران ڪيل ڪمن باري دنيا کي وڌيڪ خبر ناهي.