ٻڌندا هئا سين ته شاه رُخ سفر جي تياري ڪري رهيو آهي، شيو سينا کيس پاڪستان وڃڻ جي فتوي جو ٻڌايو آهي! سندس غلط فهمي باري توهانکي خبر هوندي. اُن غلطي سان چيو هو ته دنيا ۾ ڪرڪيٽ سڀ کان وڏي تماشي، آءِ پي ايل، ۾ پاڪستاني رانديگرن کي شامل ڪرڻ غلط هو.
۽ بالي وڊ ۾ پاڻ کي ڄاڻي واڻي ”مورک“ سڏائڻ وارو ۽ سُپر هٽ فلم ”ٿري ايڊيٽس“ جي اسٽار عامر خان به ثابت ڪري ڇڏيو ته اُهو حقيقت ۾ ايترو مورک آهي. توهان سندس بيان ته ٻُڌو هوندو جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته رانديگرن کي ڪنهن به ٽيم ۾ شامل ڪرڻ وقت سندن قوميت نه پر صلاحيتون ڏسڻ گهرجن، اِها بيوقوفي آهي يا نه؟
شايد توهانکي شيو سينا جي ڳالهه غلط محسوس ٿئي هوندي پر بيحد غور ڪرڻ کانپوءِ اِهو نتيجو نڪري ٿو ته اِهو سڀ ڪجهه هڪ بيوقوفي سان ٿيو جيڪو شايد ترجمي جي غلطي سان ٿيو هجي.
ممبئي تي حملن کان ترت پوءِ هندستاني سرڪار بار بار چيو ته انهن حملن ۾ پاڪستان جي زمين کان ڪاروائي ڪرڻ وارا ”نان اسٽيٽ ايڪٽرز ۽ پليئرز“ شامل هئا. شيو سينا وارا اجايو شتر مرغ وانگر پنهنجي مُنڍي واريءِ ۾ لڪائڻ لاءِ بدنام آهن، اُهي شايد سمجهي رهيا هئا ته حڪومت اداڪارن ۽ رانديگرن ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.
اِهو راز ته ڪنهن کان لڪيل ناهي ته شيو سينا وارا وڏا محبتي ماڻهون آهن. حڪومت کان سمجهائڻ ۾ ڪو غلطي ٿي آهي.
ها، شاه رُخ خان صاحب توهانکي ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، توهانکي ڌيان سان ڳالهائڻ گهرجي. سڄي ملڪ ۾ توهان پوسٽرن تي شايع ڪرايو آهي ته ماءِ نيم از خان، توهانکي اِها خبر ناهي ته شيو سينا کي اهڙي نمائش پسند نه آهي؟ ان ڪري شايد اُهو توهانجي فلم جي نمائش تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.
ممڪن آهي ته منهنجو تجزيو درست نه هجي، مونکي به غلط محسوس ٿي رهيو آهي، توهانکي ڇا محسوس ٿي رهيو آهي؟