{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > نانگن جا واپاري

نانگن جا واپاري

ويچار ڊيسڪ
February 17th, 2010

دهشتگردي جي صوبي سرحد جي راجڌاني پشاور جي ڪارخاني مارڪيٽ جيڪا ڪنهن دور ۾ سستو مال، روسي شئيون ۽ سمگلنگ جو سامان وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان مشهور هئي اڄڪلهه هتي هلندڙ ڦرندڙ ماڻهون سستا نانگ وڪرو ڪندي نظر ايندا آهن.

 

ڪارخاني مارڪيٽ ۾ محمد طارق نالي شخص سوات ۽ بٽ خيله کان پاڻي وارا نانگ آڻي هتي وڪرو ڪندو آهي. طارق علي موجب اِهي نانگ نه زهريلا هوندا آهن نه وري ماڻهن کي ڏنگ هڻندا آهن. هن ٻڌايو ته الاهي غير ملڪي ۽ حڪيم انهن نانگن جا خريدار آهن پر هتي مارڪيٽ ۾ هلندڙ ڦرندڙ ماڻهون به اِهي نانگ خريد ڪندا آهن.

 

ڪُلهي تي ڪپڙي جي ڳوٿري ٺاهي هن ۾ سائي رنگ جي پلاسٽڪ جي دٻن ۾ ننڍا ۽ وڏا نانگ رکيا ويا هئا. محمد طارق هن ڳوٿري مان ٻه دٻا ڪڍي ٿو جنهن ۾ هڪ ننڍو ۽ هڪ وڏو نانگ هوندو آهي ۽ ماڻهن کي ڏيکاري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته سال ۾ رڳو 3 مهينن لاءِ اِهي نانگ ملندا آهن جن کي هتي آڻي وڪرو ڪندو آهي. محمد طارق موجب هو طويل عرصي کان نانگ وڪرو ڪري رهيو آهي پهريان هتي غير ملڪي هوندا هئا جيڪي اِهي نانگ شوق سان خريد ڪندا هئا پر هاڻي انهن نانگن جا خريدار تمام گهٽجي ويا آهن.

 

جڏهن هن کان پڇيو ويو ته غير ملڪي انهن نانگن جو ڇا ڪندا هئا ته هُن ٻڌايو ته غير ملڪي انهن نانگن جو سوپ ٺاهي پيئندا هئا ۽ هن کان علاوه ڪجهه ماڻهون شوق سان نانگ خريد ڪندا آهن.

 

هڪ فوٽ ۽ ٻه فوٽ ڊگها نانگ اڇي ۽ سُرمئي رنگ جا هوندا آهن جن کي ٻار پنهنجي لاءِ هڪ پالتو جانور جي طور تي خريد ڪندا آهن. محمد طارق ماڻهن جي سامهون نانگ کي پنهنجي ڪن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، محمد طارق ماڻهن کي اِهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته اِهي نانگ نقصان نه ڏيندا آهن.

 

محمد طارق ٻڌايو ته هن کي هڪ نانگ 30 رپي ۾ ملندو آهي ۽ هو چاليهه يا پنجاهه رپي ۾ وڪرو ڪندو آهي جڏهن ته وڏو نانگ هڪ سؤ رپي ۾ وڪرو ڪري گذارو ڪندو آهي.

 

محمد طارق ٻڌايو ته انهيءَ سيزن ۾ نانگ وٺي ايندو آهي ڇو ته اِهو نانگن جو سيزن آهي، اِهو سيزن ختم ٿيڻ کانپوءِ اِهي نانگ ٻيهر وڪرو نه ٿيندا نه وري بٽ خيله ۾ ملندا آهن. هن ٻڌايو ته پهريان هو اهڙا نانگ افغانستان جي علائقي جلال آباد کان وٺي ايندو هو پر هاڻي حالات خراب هجڻ سبب هتان نانگ نٿو آڻي سگهي.

 

انهن نانگن جي باري محمد طارق ٻڌايو ته جيڪڏهن انهن نانگن کي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو وڃي ته سڄو ڏينهن پاڻي کان بغير گذاري سگهن ٿا. ڪارخاني مارڪيٽ ۾ ڪجهه ٻارن ۽ نوجوانن اِهي نانگ خريد ڪيا هئا ۽ هنن چيو ته اسين اِهي نانگ پاليندا سين ۽ ڪجهه ٻارن جو چوڻ هو ته اسين دوستن ۽ گهر ڀاتين کي نانگ کان ڊيڄاريندا سين.