جاپاني وزير اعظم نوتوڪان جي ذال سندس نئين ڪتاب ۾ پنهنجي مڙس باري لکيو آهي ته هو نڪمو آهي ۽ هن ڳالهه جو امڪان آهي ته هو مختصر عرصي تائين وزير اعظم رهندو.
هلندڙ هفتي شايع ٿيندڙ ڪتاب ”تون وزير اعظم آهين. جاپان ۾ ڇا تبديل ٿيندو“ ۾ جاپاني وزير اعظم جي ذال سندس مڙس جون بُرايون ڪندي چيو آهي ته سندس مڙس گهر جو ڪم ڪرڻ جوڳو ناهي. سندس ذال جو چوڻ آهي ته جاپاني وزير اعظم عام طور تي بلڪل صحيح طرح ڳالهائيندو آهي پر تقرير ڪرڻ مهل الاءِ کيس ڇا ٿي ويندو آهي.
جاپاني وزير اعظم گهر ۾ سندس ذال کي اپوزيشن چوندو آهي ۽ سندس ذال جو چوڻ آهي ته هو الاءِ ڪيئن وزير اعظم بڻجي ويو آهي. سندس ذال جو چوڻ آهي ته مونکي پنهنجي مڙس جو وزير اعظم جي عهدي تي هجڻ عجيب محسوس ٿيندو آهي. وزير اعظم جي ذال کي ايترو يقين آهي ته سندس مڙس وڌيڪ عرصي تائين وزير اعظم ڪونه رهي سگهندو تنهنڪري آئون وزير اعظم جي سرڪاري گهر ۾ اچڻ وقت صرف گرمين جا ڪپڙا کڻي آئي آهيان.