افغانستان ۾ طالبان اِها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته ڊرون حملا سندن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهن پر طالبان دعويٰ ڪيو آهي ته ڊرون حملن سان دهشتگردي کي صرف عارضي طور تي روڪي سگهجي ٿو. برطانوي اخبار ”جين“ طالبان جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڊرون جهازن جي استعمال ۾ اضافو ٿيڻ سان طالبان سندن آپريشن تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي چُڪا آهن پر انهن ڊرون حملن جي ڪاوڙ سبب طالبان ۾ نوان ماڻهون پڻ ڀرتي ٿي رهيا آهن.
طالبان اِها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته آمريڪي ڊرون حملا افغانستان ۾ سندن ڪاررواين ۾ رنڊڪ آهن پر ڊرون حملا صرف عارضي پابندي آهن. آمريڪي صدر اوباما جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ طالبان ۽ وڌيڪ شدت پسندن مٿان آمريڪا ڊرون حملن ۾ واڌ جي جواب ۾ طالبان جي ترجمان محمد عمر چيو آهي ته اسانجو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم بيحد مضبوط آهي تنهنڪري اسان تي گهڻو اثر ڪونه پوندو. ڊرون حملن جي ڪاوڙ جي نتيجي ۾ طالبان ۾ نوان ماڻهون پڻ ڀرتي ٿي رهيا آهن ۽ نوجوان نسل جي شموليت سان اسانجي طاقت ۽ جرئت وڌي رهي آهي.