{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > هندستان ذهني بخار سان 430 ڄڻا مارجي ويا

هندستان ذهني بخار سان 430 ڄڻا مارجي ويا

ويچار ڊيسڪ
October 18th, 2011

هندستان ۾ صحت واري کاتي جي اهلڪارن موجب ملڪ جي اتر واري رياست اتر پرديش ۾ ذهني بخار يا انسيفلائٽس جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 430 ڄڻا مارجي ويا جن مان وڏو انگ ٻارڙن جو آهي.

 

رياست جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ضلع گورک پور جي بي آر ڊي ميڊيڪل ڪاليج جي ٻارڙن جي ماهر پي ڪشوبا موجب اِهو غريب علائقو انسفيلائٽس جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته ڏينهون ڏينهن صورتحال بدترين ٿيندي پئي وڃي ۽ گذريل سالن جي مقابلي ۾ هلندڙ سال هن بيماري ۾ ورتل ماڻهن جو انگ ايترو وڌي ويو آهي ته اسپتالن ۾ بيڊ کٽي پيا آهن.“

 

هن چيو ته جولاءِ جي مهيني کانپوءِ ساڳئي بيماري جو شڪار ٿيل وڌيڪ مريض مارجي ويا آهن. ڪي پي ڪشوها ٻڌايو ته هلندڙ سال هينئر تائين 2400 کان وڌيڪ ماڻهن کي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جن ۾ لڳ ڀڳ 430 مريض مارجي ويا آهن جن مان 334 ٻارڙا هئا.

 

هن خابرو اداري اي ايف پي کي ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ هن وقت 262 مريض علاج ڪرائي رهيا آهن ۽ روزانو 30 کان 40 مريض علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن. گذريل سال گورک پور ۾ 215 انسان انسيفلائٽس جي ڪري موت جو کاج بڻجي ويا. سال 2005 ۾ موضي بيماري هٿان اتر پرديش ۾ 1400 ماڻهو مارجي ويا. انتظاميا موجب رياست جي اوڀارئين حصن ۾ ساليانو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٻارڙا هن وائرس جو نشانو بڻجي ويندا آهن.

 

انسيفلائٽس ذهن جي سوڄ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، انسيفلائٽس جي نتيجي ۾ ذهن کي نقصان ٿيندو آهي. هن جي علامتن ۾ مٿي ۾ سور ٿيڻ، دورا پوڻ، عضوا لڏائڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ ۽ بخار شامل آهن. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙا انسيفلائٽس جا مريض آهن.

 

هندستان جي گهڻي آبادي واري رياست اتر پرديش ۾ ڪيترن ئي سالن کان انسيفلائٽس جي روڪٿام لاءِ مختلف پروگرام جاري آهن ۽ هينئر تائين لکين ٻآرڙن کي هن وائرس خلاف حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي وئي آهي.