{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > هندستان: هر ڪلاڪ اندر 15 آپگهات

هندستان: هر ڪلاڪ اندر 15 آپگهات

ويچار ڊيسڪ
October 31st, 2011
5 / 5 (2 Votes)

ترقي ڏانهن وکون وڌائيندڙ هندستان اولهه سماج لاءِ اُميدن جو سامان آهي پر ڇا هندستاني عوام کي هن ترقي کان فائدو ٿي رهيو آهي؟ آپگهات جي متعلق انگ اکر جو جائزو وٺڻ بعد ائين هرگز محسوس ڪونه ٿيندو.

 

رام بابو سان پڇاڙي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اُهو هندستان لاءِ نئين ڳالهه ناهي. هن غريب هاري جو فصل برباد ٿي ويو. قرض تي ٽريڪٽر خريد ڪيائين پر قسطيون ادا ڪونه ڪري سگهيو ۽ اڍائي لک جو قرضي ٿي پيو. بئنڪ وارن کيس پريشان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ کيس بدنام ڪري ڇڏيائون. رام بابو جي پُٽ غلام موجب ”منهنجو پيءُ باعزت شخص هو انڪري بيعزتي برداشت ڪونه ڪري سگهيو. ٻئي ڏينهن وڻ تي رسي ٻڌي ڪري پاڻ کي گهٽو ڏئي آپگهات ڪيائين.“

 

هندستان سرڪار پاران خمس ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ موجب 1.2 بلين جي آبادي مان گذريل هڪ سال اندر لڳ ڀڳ 1 لک 35 هزار ماڻهن خودڪشي ڪئي آهي. گذريل سال جي مقابلي ۾ اِهو انگ 5.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

 

ڪيترن ئي ماڻهن غربت جي ڪري خودڪشي ڪئي جڏهن ته عورتن گهريلو جهيڙن جي ڪري اهڙو اذيتناڪ قدم کنيو. رپورٽ موجب عورتن تي اِهو دٻاءُ جسماني ۽ ذهني تڪليف کان علاوه ڏاج جي مطالبي سبب وڌيو آهي.

 

خودڪشي جي شرح جي معامري ۾ هندستان 41 هين نمبر تي آهي. هندستان کي سال 2008 ۾ عالمي اداري جي رپورٽ شايع ٿيڻ بعد اِهو نمبر مليو، رپورٽ موجب دنيا ۾ ٿيندڙ 100 سيڪڙو خودڪشين مان 20 سيڪڙو خودڪشيون هندستان ۾ ٿينديون آهن.

 

هندستان ۾ خودڪشي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ڪيراله، تامل ناڊو، آنڌرا پرديش ۽ ڪرناٽڪ ۾ ٿيندا رهيا آهن، جتي هينئر تائين هزارين هاري خودڪشي ڪندا رهيا آهن. رپورٽ موجب شاهوڪار طبقي يا وري بئنڪن جا قرض غريب عوام لاءِ موتمار ثابت ٿيا آهن. اُهي قرض ذراعت لاءِ بڄ خريد ڪرڻ سان گڏوگڏ شادي جي لاءِ وصول ڪيا ويا ۽ هڪ خراب فصل غريب هارين جي موت جو ڪارڻ بڻجي وئي.

 

سوشيالاجي جي پروفيسر اڀلاشا ڪماري جو چوڻ آهي ته هندستان جي جلدبازي سان ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معيشت عوام جي آمدني پڻ وڌائي آهي. هن سان خواهشون پڻ وڌيون آهن پر خواهشون پوريون ڪرڻ آسان ناهي ۽ مايوسي خاص طور نوجوانن لاءِ موتمار ثابت ٿيندي آهي.

 

اڀلاشا ڪماري موجب ”هندستان جا روايتي وڏا خاندان ۽ ڳوٺاڻا شهرن ۾ آباد ٿيا آهن. نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون شهرن ڏانهن رُخ ڪندا آهن ۽ اڻائي وقت ۾ کين ڪو به سهارو نٿو ملي.“