{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > القاعده جي حملن جا پلان فحش فلمن ۾

القاعده جي حملن جا پلان فحش فلمن ۾

ويچار ڊيسڪ
May 4th, 2012
4.5 / 5 (4 Votes)

اساما بن لادن جي موت کي هڪ سال گذرڻ باوجود دنيا کي خبر پئجي رهي آهي ته القاعده ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر ماهر ۽ چالاڪ آهي. انهيءَ هنر تي سڄو يورپ، جرمني ۽ آمريڪا اچرج ۾ آهن.

 

هلندڙ هفتي سي اين اين کي ڪجهه اهڙيون رپورٽون مليون آهن جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طرح هڪ آسٽريا جي شڪي دهشتگرد مقصود لوڊن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ کائنس جيڪي فحش فلمون هٿ ڪيون ويون هنن ۾ القاعده جي حملن جا خطرناڪ منصوبا هئا.

 

ساڳئي ريت القاعده جا اهڙا ڪاغذ پڻ هٿ ڪيا ويا جن ۾ القاعده جي مختلف ٽولن جا منصوبا آهن. آمريڪي خفيه ايجنسين موجب اسامه بن لادن جي گهران هٿ ڪيل زخيري کانپوءِ اِهو سڀ کان وڏو معلوماتي زخيرو هو.