غير سرڪاري تنظيم ”مددگار“ موجب گذريل 9 ورهين ۾ 26 هزار 376 ماڻهن خودڪشي ڪئي جڏهن ته هلندڙ سال 6 مهينن ۾ خودڪشي ڪندڙن جو انگ 1065 آهي، ”مددگار“ خودڪشي جو ڪارڻ ٻڌائيندي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته معاشري ۾ ڦهلجندڙ بي اعتمادي، غربت، خانداني نظام ۾ اختلاف، بيروزگاري ۽ محرومي جو احساس ۽ برتري خودڪشي جو رجحان وڌايو آهي ان کان علاوه ذهني اختلاف، ذهني دٻاءُ يا ڊپريشن ۽ خراب ذهني حالت ۾ ماڻهون پنهنجي اعصاب تي ڪنٽرول ڪونه ڪري سگهي ٿو جنهن سبب خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪندو آهي، خودڪشي ڪندڙن ۾ ٻار، مرد ۽ عورتون پڻ شامل آهن. هنن مان 83 ڇوڪرا، 55 ڇوڪريون، 303 عورتون ۽ 624 مرد شامل آهن. چئني صوبن جي انگ اکر موجب بلوچستان ۾ 1، پشاور 74، پنجاب 500 ۽ سنڌ ۾ ٽوٽل 490 واقعا ٿيا آهن.