آمريڪا ۾ آباد ميمڻ برادري پنهنجي هڪ تنظيم ميمڻ آرگنائيزيشن آف نارٿ آمريڪا MONA ٺاهي آهي جنهن جو بُنياد 19 جولاءِ 2008ع ۾ وڌو ويو آهي. تنظيم جو بُنياد وجهڻ جي اجلاس ۾ سموري آمريڪا مان ميمڻ برادري جي 300 کان وڌيڪ ماڻهن شموليت ڪئي. اهو پهريون اجلاس هيو جنهن ۾ ٻارهن کان وڌيڪ رياستن مان ميمڻ برادري شامل ٿي.
اجلاس جي ڪاروائي شام ساڍي اٺ وڳي شروع ٿي. سڀ کان اڳ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي. هن جلسي جي صدارت جناب عارف مرچنٽ صاحب ڪئي. سڀ کان پهرين تقرير جناب يوسف تار صاحب ڪئي جنهن کي ميمڻ آرگنائيزيشن آف نارٿ آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو هو. يوسف صاحب عوام سان تنظيم ٺاهڻ جي مقصد تي آمريڪي معاشري ۾ هن جي خدمتن باري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻڌايو آهي ته اها تنظيم نان پرافٽ هوندي.
جناب يواف صاحب کانپوءِ فاروق وڪيل، ياسر امان، ڊاڪٽر سيخاڻي، دانيال نوراني ۽ طارق يونس صاحب جلسي ۾ ميمڻ برادري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اجلاس ۾ پاڪستان، هندستان ۽ دوبئي مان به ميمڻ برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي.
جناب عبدالڪريم موسي اُمه ڪلينڪ لاءِ امدادي چيڪ ڏنو، هن رقم سان مرندڙ غريب مسلمانن جي ڪفن دفن جو انتظام ڪيو ويندو. محترمه نگار رنگون والا ۽ محترمه نسيم بنگلوريه به هن موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن کانپوءِ مهمانن کي بهترين ماني کارائي وئي. ميمڻ برادري جي اتحاد جي وڏي حمايتي حسن روڪڙيا چيو ته اهو جلسو تمام بهترين آهي.
آخر ۾ ميمڻ آرگنائيزيشن آف نارٿ آمريڪا جي بورڊ آف ٽرسٽيز سوالن جا جواب ڏنا. بورڊ آف ٽرسٽيز جي ممبرن ۾ جناب يوسف تار، فاروق وڪيل، سليم ادايا، عبدالڪريم موسي، عبدالوهاب، زڪريا ستار ۽ عارف مرچنٽ شامل آهن.