کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > بل گيٽس 500 ملين ڊالر جي لاگت سان هندستانين جا سگريٽ ڇڏائيندو

بل گيٽس 500 ملين ڊالر جي لاگت سان هندستانين جا سگريٽ ڇڏائيندو

ويچار ڊيسڪ
July 24th, 2008

سگريٽ جو جن جيڪو ترقي جي مهاڳ تي هلندڙ ملڪن تي چمبڙيل آهي هن کي لاهڻ لاءِ ارب پتي بل گيٽس ۽ مائيڪل بلوم برگ گڏجي ڪري 500 ملين آمريڪي ڊالر خرچ ڪندا. هن پئسي سان ڪيترن ئي ملڪن ۾ سگريٽ جي خلاف مهم شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ هندستان ۽ چين ڏانهن خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو.

 

مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان گڏجي ڪري نيويارڪ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي نيويارڪ جي ميئر بلوم برگ چيو ته ”سگريٽ کانسواءِ جهان اهو جهان آهي جتي ماڻهن جي عمر گهڻي ۽ ڳڻتيون گهٽ هونديون آهن.“

 

بل گيٽس ۽ بلوم برگ چيو آهي ته اها رقم سگريٽ جي خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمن کي ڏني ويندي جيڪي حڪومت سان گڏجي ڪري تمباڪو جي استعمال گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.

 

2012 تائين دنيا ۾ تمباڪو جي منڊي جو 464 بلين تائين وڌڻ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي ۽ تمباڪو جو استعمال گهٽ ڪرڻ جي اها مهم اهڙي وقت هلائي وئي آهي جڏهن آمريڪا ۾ سموڪنگ ڪندڙن جو انگ گهٽجي ويو آهي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٻين ملڪن خاص طور تي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سگريٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ منڊيون ڳولي رهيون آهن.

 

بيل ۽ ملنڊا فائونڊيشن هن مهم ۾ 125 ملين ڊالر ۽ بلوم برگ 250 ملين ڊالر جو فنڊ ڏيندا. اهي هن 125 ملين ڊالر کان علاوه آهن جيڪي هو پهريان ئي هن ڪم ۾ خرچ ڪري چُڪو آهي. بل گيٽس جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ آبادي واري انهن 2 ملڪن هندستان ۽ چين کي هن پئسي جي تمام وڌيڪ گهرج آهي.

 

پر چين ۾ هن مهم جو هلڻ تمام ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هتي سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون آهن جن کان چين جي سرڪار تمام وڏي سطح تي پئسو ڪمائيندي آهي. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته اسين چاهيون ٿا ته نئين دور جا هيرو اُهي هجن جيڪي سگريٽ نه ڇڪندا هجن.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com