روس جو شهر ماسڪو ٻاهرين ملڪن کان آيل ماڻهن لاءِ رهڻ جو سڀ کان مهانگو شهر آهي. انساني ذريعن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ ڪمپني ميرسر انڪري ماسڪو ۾ مسواڙ، کاڌي ۽ پيٽرول جي قيمتن جو اندازو هنيو آهي. هن ريسرچ موجب ماسڪو ۾ سروس سان هڪ ڪپ ڪافي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 10 آمريڪي ڊالر تائين هوندي آهي.
نئين جائزي موجب جاپان جي شهر ٽوڪيو جو شمار سڀ کان مهانگي شهرن ۾ ٻي نمبر تي ٿيندو آهي جڏهن ته لنڊن ٽين نمبر تي آهي جيڪو هڪ پوائنٽ گهٽجي ويو آهي. اوسلو هن جي مقابلي ۾ چوٿين نمبر تي آهي.
ميرسر ۾ ريسرچر مئنيجر يوني ٽربير جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ماڻهن لاءِ ماسڪو جي سڀ کان وڌيڪ مهانگو هجڻ جي پوزيشن ۾ مظبوطي جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته آمريڪي ڊالر روسي ڪرنسي جي ڀيٽ گهٽ آهي. ان پرک ۾ 147 شهرن جي لڳ ڀڳ 200 شئين جي قيمتن کي ڀيٽايو ويو آهي. هن موجب 3 سڀ کان سستا شهر پاڪستان ۾ ڪراچي،، ايڪواڊور ۾ ڪيوٽو ۽ پيراگوئي ۾ آسونيڪون آهن.
ميرسر جو چوڻ آهي ته ڊالر جي حيثيت گهٽ ٿيڻ سبب مهانگي ۽ سستي شهرن جي رينڪنگ ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آهي. مسٽر ٽربير جو چوڻ آهي ته ”توڙي روايتي طور تي اولهه يورپ ۽ ايشياء جا 20 شهر اڃان تائين سڀ کان مهانگي شهرن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهن پر برازيل ۽ هندستان جا ڪجهه شهر هاڻي هن لسٽ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
پهريان جي ڀيٽ ڪجهه شهر جيئن اسٽاڪ هوم ۽ هيويارڪ هاڻي گهٽ مهانگا ٿي ويا آهن. برطانيه ۾ جتي لنڊن هڪ پوائنٽ هيٺ آيو آهي هتي برمنگهم 41 کان 66 تي جڏهن ته گلاسڪو 36 کان 69 تي پهچي ويو آهي.
مسٽر ٽربير جو چوڻ آهي ته برطانوي پائونڊ يورو جي مقابلي ۾ ڏاڍو ڪمزور آهي، يورپ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شئين جي قيمتن ۾ آمريڪا ۽ برطانيه جي مقابلي ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته برطانوي شهرن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.