کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > نشو ختم ڪرڻ لاءِ ڏکيائي

نشو ختم ڪرڻ لاءِ ڏکيائي

ويچار ڊيسڪ
July 25th, 2008

نشي جي روڪٿام باري هڪ اڳوڻي آمريڪي اهلڪار جو چوڻ آهي ته افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي ۽ سندس حڪومت ملڪ ۾ نشي جي روڪٿام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. گذريل مهيني تائين نشي جي روڪٿام لاءِ آمريڪي اداري لاءِ ڪم ڪندڙ ٿامس شويڪ الزام هنيو هو ته صدر ڪرزئي سياسي طريقي سان نشي جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي بچائي رهيو آهي.

 

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ ٿامس شويڪ جو چوڻ آهي ته منشيات باري رشوت ستاني جو سلسلو افغان حڪومت ۾ وڏي سطح تي هلي رهيو آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته افغان صدر ملڪ جي ڏکڻي علائقن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ وڏي هستين جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو ڇاڪاڻ ته هن علائقي کان کيس سياسي حمايت ملندي آهي. شويڪ جو چوڻ آهي ته کيس افغان اٽارني جنرل عبدالجبار ثابت سميت سينيئر افغان انتظاميه ٻڌايو آهي ته صدر حامد ڪرزئي 20 جي ويجھو رشوت خور آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان جھليو هو.

 

شويڪ موجب ڪرزئي جي مخالف طالبان کي نشي جي واپار کان فائدو رسيو پر هن ڳاروبار کان تمام گهڻو فائدو انهن (ڪرزئي) جي حمايتين کي ٿيو. بي بي سان ڳالهائيندي ٿامس شويڪ چيو ته ائين لڳي ٿو ته صدر ڪرزئي طاقت کسڻ بدران ٿوري گهڻي رشوت ورتي.

 

افغان صدر هنن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته سندس ڪو به حمايتي نشي جي سمگلنگ ۾ شامل ناهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ صوبن ۾ نشي جي پيداوار گهٽجي وئي آهي.

 

حامد ڪرزئي چيو ته سموري افغانين تي نشي جي سمگلنگ جو الزام نٿو هڻي سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته هنن مان ڪجهه مجبوري جي طور تي اهو ڪم ڪندا هجن پر باقي سمورا بين الاقوامي ڊرگ مافيا جا رُڪن آهن ۽ هنن کي ئي هن ڪاروبار کان سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.

 

ٿامس شويڪ آمريڪي نيٽو فوجن تي به نشي جي روڪٿام لاءِ مدد نه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. سندس موجب آمريڪي ۽ برطانوي فوجن لاءِ پوست جي پوک جو خاتمو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن سان طالبان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

 

آمريڪا جي پرڏيهي کاتي سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ هن الزام جو ڪو جواب نه ڏنو ويو پر برطانيه جي پرڏيهي ترجمان چيو ته نشو افغانستان جي مستقبل لاءِ خطرو آهي ۽ برطانيه نشي جي روڪٿام لاءِ ڪوشش ڪندڙ وڏي ملڪن مان هڪ آهي.

 

واضع رهي ته اقوام متحده جي اندازي موجب افغانستان ۾ گذريل سال ايتري پوست پيدا ٿي جنهن سان هڪ اندازي موجب 880 ٽن هيروئن تيار ڪري سگهجي ٿي ۽ هيروئن جي هن مقدار جي بين الاقوامي بازار ۾ قيمت اٽڪل 4 ارب ڊالر جيتري آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com