کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > ايران: 29 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي

ايران: 29 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي

ويچار ڊيسڪ
July 27th, 2008

اطلاعن موجب ايران ۾ 29 ماڻهن کي قتل ۽ ٻي ڏوهن ۾ ڦاهي ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب اُهي ڦاهيون آچر جي صبح تهران جي ايوان جيل ۾ ٿيون آهن. سرڪاري ي وي آءِ آر آءِ بي سي ويب سائٽ موجب هنن ماڻهن تي قتل، جنسي زيادتي، ڌاڙا ۽ نشي جي اسمگلنگ جا الزام ثابت ٿيا هئا.

 

انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انترنيشنل موجب گذريل سال ايران ۾ 317 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي هئي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون ڏيندڙ ملڪن ۾ چين کانپوءِ ٻيو نمبر آهي.

 

سرڪاري ٽي وي جي ويب سائٽ موجب اُهي ڦاهيون سپريم ڪورٽ طرفان موت جي سزا کي قانوني قرار ڏيڻ کانپوءِ ڏنيون ويون آهن. ويب سائيٽ تي جاري ٿيل بيان موجب 29 نشي جي اسمگلرن کي آچر جي صبح ايوان جي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي.

 

انهن ڏوهارين هزارين ڪلو نشو ملڪ ۾ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر اسمگل ڪيو.

 

انساني حقن جي تيظيمن ايران حڪومت تي وڌيڪ موت جي سزائون ٻڌائڻ جو الزام هنيو آهي پر تهران جو چوڻ آهي ته ڏوهه روڪڻ لاءِ اها بهترين سزا آهي ۽ اها هڪ طويل قانوني طريقي کانپوءِ لاگو ٿيندي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com