هڪ آمريڪي جج پراڻي خيالن جي ريڊيو ٽاڪ شو جي هوسٽ مائيڪل سيويج جو هڪ اسلامي تنظيم جي خلاف سندس شو جو هڪ حصو جنهن ۾ هن قرآن کي ”نفرت ڦهلائيندڙ ڪتاب“ چيو هو استعمال ڪرڻ تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي.
سيويج آمريڪن اسلام ريليشن نالي جي تنظيم تي گذريل سال ڪيس ڪيو هو ته هن تنظيم سندس ٽاڪ شو جو هڪ حصو وٺي ڪري ٽپال جي ذريعي اشتهار ڏيندڙن کي موڪليو هو ته هن پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. اها ڪاپي رائٽ جي ڀڃڪڙي آهي. هن تنظيم پروگرام جو جيڪو ٽڪرو استعمال ڪيو هو هن ۾ سيويج قرآن پاڪ کي ”ردي ۾ اُڇلڻ جهڙي ڪتاب“ چيو هو.
جمعي تي آمريڪا جي هڪ ضلعي جج سوزن اليسٽن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جيڪي ماڻهون ريڊيو جا عوامي پروگرام ٻُڌندا آهن هنن کي حق آهي ته هو هن پروگرام جو ڪو حصو ويچار ونڊ يا تنقيد لاءِ استعمال ڪن. جج چيو آهي ته هن ڳالهه جو ڪو ثبوت نه ملي سگهيو آهي ته هن اسلامي تنظيم طرفان استعمال ڪيل حصي جو پروگرام جي اشتهارن تي ڪو فرق پيو هجي.
ايسوسي ايٽڊ پريس کي هڪ انٽرويو ۾ سيويج چيو هو ته هن ايراني صدر محمد احمدي نجاد ۽ سندس اسلام باري دهشتگردي جي خيالن باري ڳالهه ڪئي هئي مذهب باري ڪجهه نه چيو هو.
سيويج جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هو هڪ نئون ڪيس داخل ڪندو.