تحريڪ طالبان سوات جي باني مولانا فضل الله چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سوات ۾ آپريشن شروع ڪيو ته پوءِ سموري ملڪ ۾ آپگهاتي بم ڌماڪا ٿيندا. سوات ۾ 10 مهينا اڳ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ تي مولانا فضل الله ڪنهن هنڌ لڪيل هيو ۽ ڪالهه پهرين دفعي سوات جي تحصيل ڪبل ۾ هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ميڊيا جي سامهون آيو آهي.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مولانا فضل الله چيو آهي ته طالبان، حڪومت جي ڪنهن به آپريشن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن دفعي جواب پهريان کان به سگهارو ڏنو ويندو. جهڙو آپريشن ٿيندو حڪمت کي تهڙو جواب ڏنو ويندو. هن چيو آهي ته ”مذاڪرات جو جواب مذاڪرات سان ۽ گولي جو جواب گولي سان ڏنو و يندو.
مولانا فضل الله چيو آهي ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ جهاد مڪمل طاقت ۽ جذبي سان هلندو رهندو. هن ٻڌايو آهي ته سندس حمايتي تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان حڪم ملڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. تحريڪ طالبان پاڪستان جي باني بيت الله محسود جي حڪم تي ڪارواين لاءِ يقيني رٿابندي جوڙي ويندي.
طالبان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي باري سندس چوڻ هو ته پختون قوم هجڻ جي ناطي اُهي هن معاهدي جو پابند ڪونهي پر اي اين پي جي صوبائي حڪومت هن معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حربا استعمال ڪري رهي آهي. هن الزام هنيو آهي ته حڪومت معاهدي تي عمل ۾ مخلص ڪونهي.
مولانا فضل الله چيو آهي ته علائقي ۾ ڇوڪرين جي ڪجهه اسڪولن جي تباهي ته هڪ مختصر ردعمل هيو جيڪڏهن سندن اڳواڻ حڪم ڏنو ته هو سموري دنيا کي هڪ دفعو وري حيران ڪري ڇڏيندا.