کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > آمريڪا: پاڪستاني صحافي دهشتگردي جي الزام ۾ 4 مهينن کان قيد

آمريڪا: پاڪستاني صحافي دهشتگردي جي الزام ۾ 4 مهينن کان قيد

ويچار ڊيسڪ
July 29th, 2008

مشهور صحافي نيئر زيدي جيڪو گذريل 30 ورهين کان آمريڪا جو رهواسي آهي گذريل 4 مهينن کان آمريڪي جيل ۾ قيد آهي ۽ مٿس دهشتگردي جو الزام هنيو ويو آهي ۽ هاڻي چيو وڃي ٿو ته هن الزام تي ڪيس به هلندو.

 

آمريڪي اداري ايف بي آءِ سندس گرفتاري جي باري ڪجهه نه ٻڌايو آهي. سندس گهر وارن کان جڏهن هنن الزامن باري پڇيو ويو ته سندن چوڻ هو ته اُهي پاڪستان ۾ آهن. نيئر زيدي جي دوستن وانگر پاڪستاني سفارتخاني به ڪيتري دفعي سندس گهر فون ڪري پڇيو ته هنن کي به اهو ئي جواب ڏنو ويو. جڏهن گهر وارن کان پڇيو ويو ته اُهي پاڪستان ڇا ڪرڻ ويا آهن ۽ ايتري دير تائين هتي ڇا ڪري رهيا آهن ته گهر وارن جو جواب هو ته ”اسانکي خبر ناهي.“ نيئر زيدي جي اوهائيو جي جيل ۾ هجڻ جي خبر نيوجرسي جي هڪ اخبار ”ديس پرديس“ ڏني آهي.

 

ايف بي آءِ کي خبر ملي هئي ته نيئر زيدي جي ٽيليفون کان پاڪستان، هندستان، چين، هالينڊ ۽ ٿائيلينڊ جي نمبرن تي فون ڪيا ويندا هئا. ايف بي آءِ جي ذريعن موجب هنن مان ڪجهه نمبرن جي جاچ ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ سندس تعلق نائين اليون جي حادثي سان آهن. پاڪستاني نمبرن باري زيدي جو چوڻ هو ته هو هڪ فيڪس نمبر آهي جنهن جي ذريعي هو سندس اخبار کي خبرون فيڪس ڪندو هو.

 

جڏهن اڪستان ۾ انهن نمبرن جي جاچ ڪئي وئي ته اُهي نمبر هڪ ٽيڪسٽائل ڪمپني جا هئا جيڪا ڪيترن ئي ورهين کان بند هئي. جڏهن نيئر زيدي کان وڌيڪ نمبر گهريا ويا جن تي هو پاڪستان ۾ ڳالهيون ڪندو هو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. زيدي صاحب ايف بي آءِ سان مڪمل تعاون ڪرڻ لاءِ چيو پنهنجي فون نمبرن واري ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

پاڪستاني سفارتخاني به هن مامري جي جاچ ڪئي آهي ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ کي هن باري غور ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ هنن جاچ ڪرائڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي. هن کانپوءِ نيئر زيدي جي گم ٿيڻ تائين ڪو به خبر ڪونه ملي سگهي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com