کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > ٽي هزار برٽش پاسپورٽ چوري

ٽي هزار برٽش پاسپورٽ چوري

ويچار ڊيسڪ
July 29th, 2008

برطانيه ۾ 3000 جي ويجھو پاسپورٽ ۽ ويزه چوري ٿيا آهن. اطلاعن موجب سومر جي ڏينهن صبح جو اُهي دستاويز هڪ گاڏي مان هن مهل چوري ڪيا ويا جڏهن هنن کي مانچسٽر جي هڪ ڪارخاني کان لنڊن جي ويجھو رائل ايئرفورس جي اڏي تي پهچايو وڃي پيو جتان اُهي دستاويز سموري دنيا ۾ برطانيه جي سفارتخانن ڏانهن اُماڻيا وڃن ها.

 

برطانيه حڪومت هن ڊپ جو اظهار ڪري رهي آهي ته اُهي پاسپورٽ ۽ ٻيا ٽريولنگ دستاويز دهشتگردن يا ڏوهاري ٽولن تائين نه پهچي وڃن. پاسپورٽ سروس انتظاميه جو چوڻ آيه ته پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز ايترا پيچيده آهن ته جعلساز اُهي دستاويز استعمال ڪونه ڪري سگهندا.

 

پر برطانوي دفتر خارجه تسليم ڪيو آهي ته پاسپورٽن جي چوري سيڪورٽي جي نظام جي ناڪامي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com