کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > ڌماڪن پٺيان حڪومت جو هٿ آهي: بي جي پي

ڌماڪن پٺيان حڪومت جو هٿ آهي: بي جي پي

ويچار ڊيسڪ
July 29th, 2008

هندستان ۾ حزب اختلاف جي جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي معني بي جي پي الزام هنيو آهي ته گذريل هفتي بينگلور ۽ احمد آباد جي بم ڌماڪن ۾ حڪومت جو هٿ آهي. پوليس ۽ خفيه اداره سومر تي احمد آباد ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن جي ذميوار ماڻهن جي جاچ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. رياست ڪيراله، ڪرناٽڪ، مڌيه پرديش ۽ ڪيترن ئي صوبن ۾ بم ڌماڪن جي ڀئو کي ڏسندي ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي پر هن ۾ حزب اختلاف جي پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي الزام هنيو آهي ته اُهي بم ڌماڪا اڳوڻي حڪومت جي سازش آهن.

 

پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سشما سوراج دلي ۾ سومر تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ بي جي پي جي اقتدار واري رياستن ۾ بم ڌماڪا ٿيا آهن. واقعي تي موجود شاهدن جو چوڻ آهي ته انهن بم ڌماڪن ۾ حڪومت جي سازش آهي.

 

سوراج جو چوڻ هو ته حڪومت اعتماد جو ووٽ حاصل ڪندي مهل رشوت واري اسڪينڊل کان ڌيان هٽائڻ ۽ آمريڪا پرستي کان بيزار مسلمانن جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اها سازش ڪئي وئي.

 

بي جي پي جي هن الزام کانپوءِ حڪمران ڪانگريس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ڪانگريس جي ترجمان منيش تيواري جو چوڻ آهي ته ”اهو تمام وڏو الزام آهي ۽ اسين ضرورت پوڻ تي بي جي پي جي خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري سگهون ٿا.“

 

ملڪ ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقي تي ڪانگريس ۽ بي جي پي جي خيالن ۾ سدائين اختلاف رهيو آهي پر ٻنهيءَ پارٽين دهشتگردي واري مامري تي ڪڏهن هڪ ٻي تي سنون سڌو الزام ڪونه هنيو آهي.

 

اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ٻنهيءَ ڌماڪن لاءِ بي جي پي سنون سڌو حڪومت تي الزام هنيو آهي. اطلاعن موجب بي جي پي جي قيادت بحث ڪرڻ کانپوءِ ويچار ونڊ ڪري حڪومت تي ڌماڪن جي سازش جو الزام هنيو آهي.

 

اهو الزام ڪيترو غلط آهي ڪيترو صحيح، هن جي خبر ناهي پر ايتري خبر ضرور آهي ته اعتماد جي تحريڪ کانپوءِ حڪمران اتحاد ۽ حزب اختلاف ۾ پهريان ئي جھيڙو ٿيو هو هن الزام کانپوءِ اهو جھيڙو ضرور وڌندو.

 

واضع رهي ته جمعي ۽ ڇنڇر تي بنگلور ۽ احمد آباد ۾ ٿيندڙ هڪ پٺيان هڪ ٿيندڙ ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ماڻهون مارجي ويا هئا ۽ ڪيترا ئي ماڻهون زخمي ٿيا آهن.

 

بي بي سي جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com