ويچار ڊاٽ ڪام تي هڪ پاڪستاني صحافي کي دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جي خبر شايع ڪئي وئي هئي. هن خبر جو ذريعو ڊيلي ٽائمز ۽ بي بي سي هئا. پوءِ هڪ اي ميل جي ذريعي ڪنهن اسانکي اوهايو جي مقامي اخبارن جا لنڪ اُماڻيا جنهن ۾ قصي کي بالڪل ٻي طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي. اسين هنن مان اوهايو انڊيپنڊنٽ اخبار جي آفيس فون ڪري به پڇيو ته توهانجي اها خبر سچي آهي يا بي بُنياد آهي. هنن چيو جڏهن اهڙو ڪو به آپريشن ٿيندو آهي ته مقامي پوليس اسانکي سڀ کان پهريان ٻڌائيندي آهي ۽ اسانجو نمائندو گرفتاري جي مهل هتي موجود هوندو آهي. چوڻ جو مقصد آهي ته اُهي پنهنجي خبر کي سئو سيڪڙو سچ چوندا آهن.