اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ڊاڪٽر عافيه صديقي کي زوري قيد ڪرڻ جي الزامن تي وزارت داخله کان جواب طلب ڪيو آهي. اڱاري تي وزارت داخله جي سيڪيٽري سيد ڪمال شاهه جي نالي تي جاري ٿيل هڪ نوٽس ۾ چيف جسٽس سردار محمد اسلم جي عدالت کيس چيو آهي ته هو بيرسٽر اقبال جعفري طرفان عائد ڪيل الزامن جو جواب ڏي جن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي پاڪستاني ۽ آمريڪي خفيه ايجنسين جي قيد ۾ آهي.
عدالت بيرسٽر اقبال جعفري طرفان داخل ڪيل درخواست تي بُنيادي ٻُڌڻي کانپوءِ عدالت جي ڪاروائي نائين ستمبر تائين ملتوي ڪئي ۽ هن دوران سيڪرٽري داخله کي چيو ويو آهي ته هو پٽيشنز باري کنيل نُڪتن جا جواب 2 ستمبر تائين عدالت ۾ جمع ڪرائي.
ڊاڪٽر عافيه صديقي کي زوري قيد ڪرڻ جي درخواست ۾ بيرسٽر اقبال جعفري سيڪيٽري داخله ڪمال شاه جي ذريعي پاڪستان جي انٽيلي جنس ادارن کي آمريڪي سفارتخاني جي قانوني مشير جي ذريعي آمريڪي انٽيلي جنس ادارن کي ڌُر بڻايو آهي.
درخواست ۾ ايشين هيومن رائٽس ڪائونسل جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو ويو جنهن موجب ڊاڪٽر عافيه کي پاڪستاني ۽ آمريڪي انٽيلي جنس ايجنسين تسليم ڪيو هو ته اسين کيس گرفتار ڪيو آهي پر هاڻي اُهي انڪار ڪري رهيون آهن.
ڊاڪٽر عافيه پنهنجي ٽن ٻارن سان ڪراچي کان پنج سال پهريان گم ٿي هئي. هن تي القاعده جي مدد ڪرڻ جو الزام آهي. انساني حقن جي ايشيائي تنظيم خيال ظاهر ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي افغانستان ۾ بگرام جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي جتي 650 نمبر جي نالي کان مشهور هن قيدي سان غير انساني رويو ڪيو وڃي ٿو.