کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > هرڪشن سنگهه سرجيت لاڏاڻو ڪري ويو

هرڪشن سنگهه سرجيت لاڏاڻو ڪري ويو

ويچار ڊيسڪ
August 2nd, 2008

هندستان ۾ مارڪسي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا معني سي پي ايم جو اڳوڻو جنرل سيڪيٽري ۽ مشهور سياسي اڳواڻ هرڪشن سنگهه سرجيت لاڏاڻو ڪري ويو سندس ڄمار 52 ورهين جي هئي ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان تمام گهڻو بيمار رهندو هو. سي پي ايم جي سينيئر ليڊر سيتا رام پچوري چيو آهي ته اڃان مخلوط حڪومت جو جيڪو دور هلي رهيو آهي هن جو بُنياد وجھڻ وارن ۾ سرجيت جو اهم ڪردار رهيو آهي. سيڪولر سياست کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس قرباني کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

 

هرڪشن سنگهه سرجيب هڪ عظيم اڳواڻ هيو بلڪ کيس ڀارتيه جنتا پارٽي جهڙي هندو نواز سياسي پارٽين جي فرقيوارانه نظريي جي هڪ اهم مخالف جي طور تي به سڃاتو وڃي ٿو. هن 1992ع ۾ بايان محاذ جي حمايت ڪري مرڪز ۾ هڪ مخلوط حڪومت قائم ڪئي هئي. ۽ 2004ع جي لوڪ سڀا چونڊن کانپوءِ سياسي صورتحال ۾ به هن هڪ ”ڪنگ ميڪر“ جو ڪردار ادا ڪيو هو.

 

هرڪشن سنگهه سرجيت صوبي پنجاب جي جالنڌر جي بستي جاٽ خاندان ۾ ڄائو هو. هن سندس سياسي ڪيريئر کي ڀگت سنگهه جي نوجوان ڀارت سڀا کان شروع ڪيو. ننڍپڻ ۾ سرجيت، ڀگت سنگهه کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن ڀگت سنگهه جي ڦاهي جي ڏينهن هوشيار پور جي عدالت ۾ هندستاني جهنڊو هنيو هو. انهيءَ ڪري کيس سزا پڻ ڏني وئي. جڏهن کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته هن سندس نالو ”لنڊن توڙ سنگهه“ ٻڌايو هو.

 

1936ع ۾ هو ڪميونسٽ پارٽي جو رُڪن چونڊيو ويو هو. هو پنجاب ۾ هاري سڀا جو بُنياد وجھندڙن مان هڪ آهي. ٻي جنگ عظيم ۾ هن ”ڏکڻ دنيا ۽ چڻگ“ ڇاپي هئي.

 

پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر ۾ هرڪشن سنگهه سرجيت کي هڪ اهڙي اڳواڻ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو جيڪو ڀارتيه جنتا پارٽي جهڙي هندونواز سياسي پارٽين جي فرقيواراڻه نظريي جو زبردست مخالف رهيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com