کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > پاڪستان هندستان: وري پراڻي مهاڳ تي؟

پاڪستان هندستان: وري پراڻي مهاڳ تي؟

شڪيل احمد
August 4th, 2008

گذريل مهيني هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪمپوزٽ ڊائيلاگ جي پنجين دور جو آغاز ٿيو آهي. اُهي مذاڪرات اهڙي وقت ۾ شروع ٿيا آهن جڏهن ڪجهه ڏينهن پهريان ڪابل ۾ هندستاني سفارتخاني ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو ۽ هندستان واضع طور تي هن ڌماڪي جو ذميوار پاڪستان جي خفيه ايجنسين کي قرار ڏنو هو.

 

پاڪستان کي ڊپ هو ته شايد هندستان مذاڪرات منسوخ نه ڪري ڇڏيندو پر ائين ڪونه ٿيو ۽ مذاڪرات شروع ٿيا. ڪنهن کي به هن مرحلي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان اُميد ڪونه هئي ڇاڪاڻ ته هندستان جي حڪومت ائٽمي ٺهراءُ جي سوال تي پارليامينٽ ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل ۽ وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير جو سمورو ڌيان حڪومت بچائڻ ڏانهن هيو.

 

گذريل پنج ورهين کان هندستان پاڪستان تعلق بهترين ثابت ٿي رهيا آهن۽ شايد ايترا بهترين تعلق پهريان ڪڏهن به ڪونه هئا. ڪشمير جا حالات به هوريان هوريان بدلجي رهيا هئا. پر ڪيترين ئي ورهين کان تعلقن ۾ بهتري لاءِ جيڪو عمل هلندڙ هيو هن ۾ گذريل ٻن ورهين کان ڏکيايون اچي رهيون آهن.

 

ممبئي جي ريل گاڏين، سمجهوته ايڪسپريس ۽ حيدر آباد ۽ دلي ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن جو ذميوار پاڪستان جي ڪجهه شدت پسند تنظيمن کي ڄاڻايو ويو هو. هنن بم ڌماڪن کانپوءِ جتي ٻنهيءَ ملڪن جي تعلقن ۾ اختلاف پيدا نه ٿي سگهيا هتي ئي مذاڪرات صحيح نموني سان ڪامياب ڪونه ٿي سگهيا.

 

گذريل سال مارچ ۾ پاڪستان جي چيف جسٽس کي معزول ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل سياسي بحران سان مذاڪرات جو عمل متاثر ٿيو. طويل عرصي کانپوءِ ٻنهيءَ حڪومتون پنهنجي پنهنجي سياسي مونجهاري ۾ ڦاٿل آهن. ائين مذاڪرات جو عمل به اڃان تائين ٻُڏتر جو شڪار آهي.

 

گذريل ٻن ورهين کان مذاڪرات جو دور عملي طور تي اڳتي ڪونه وڌي سگهيو آهي. اعتماد سازي جي ڪمن جي سلسلي ۾ جيڪي نوان فيصلا ڪيا ويا اُهي اڃان تائين نافذ ڪونه ٿي سگهيا يا وري ڊمپ ڪيا ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڃان تائين ڳالهه ٻولهه جو سلسلو بحال آهي ۽ ڪيترن ئي مشڪل حالتن کانپوءِ به ٻنهيءَ ملڪن جا تعلق متاثر ڪونه ٿيا آهن. پر هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ دفعو وري حالات تبديل ٿي رهيا آهن.

 

ڪابل ڌماڪو ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ اختلاف جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. تازو ئي پاڪستان الزام هنيو آهي ته هندستان، پاڪستان جي قبائلي علائقن ڪاروايون ڪري رهيو آهي. انهيءَ دوران لائن آف ڪنٽرول تي ڪاروايون وڌيون آهن. ٻنهيءَ پاسن کان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو پيو وڃي. فضا ۾ پراڻي ڏينهن جي اختلاف ۽ جھيڙي جي ڌپ وڌي رهي آهي. بنگلور، احمد آباد ۽ سورت جي بم ڌماڪن ۾ جيڪڏهن خفيه ايجنسين کي پاڪستاني هٿ ڏسڻ ۾ آيو ته اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.

 

پاڪستان جي حڪومت اڃان به اندروني سياسي مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي ۽ جلدي هتي سياسي استحڪام جا آثار ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ٻي پاسي هندستان ۾ به حڪومت پارلياماني چونڊن جون تياريون ڪري رهي آهي. هندستان پاڪ تعلق موجوده حالات ۾ ٻنهيءَ ملڪن جي ترجيحات ۾ شامل ناهن. هاڻي صرف هن ڳالهه جو ڊپ آهي ته شايد ٻئي ملڪ هڪ دفعو وري سرد جنگ جي ڏينهن ڏانهن موٽي نه وڃن.

 

دنيا ۾ هن مهل شايد صرف اُتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ئي اهڙا ٻه ملڪ آهن جن هندستان ۽ پاڪستان وانگر پاڻ تي اختلاف ۽ جھيڙا مسلط ڪيا آهن. هڪ ٻي جي شهرين لاءِ هر قسم جون ڏکيايون پيدا ڪندا آهن. پر هاڻي هتي به تبديلي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. هندستان ۽ پاڪستان کي جلدي سمجھڻو پوندو ته اُهي جنهن دنيا ۾ رهن ٿا اُها دنيا الاهي عرصي کان تبديل ٿي چُڪي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com