کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > بيوروڪريسي ترقي جي واٽ ۾ وڏي بندش

بيوروڪريسي ترقي جي واٽ ۾ وڏي بندش

ويچار ڊيسڪ
August 4th, 2008

بلوچستان جي سينيٽرن پاڪستاني بيوروڪريسي تي الزام هنيو آهي ته اُهي صوبي جي ترقي ۾ رنڊڪ آهي ۽ بلوچستان ۾ امن جو جواز پيش ڪري هتان تيل ۽ گئس ڳولڻ جا منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ رنڊڪ وجھي رهي آهي. ڇنڇر تي پيٽروليم باري سينٽ جي قائم ڪاميٽي جي اجلاس ۾ هن چيو آهي ته بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ امن جي صورتحال خراب آهي. جڏهن ته باقي صوبي ۾ امن جي صورتحال صحيح آهي.

 

سينيٽر شاهد بگٽي سينيٽر اسماعيل بُليدي جو چوڻ آهي ته آئل اينڊ گئس ريڪوليٽري اٿارٽي بلوچستان ۾ اڃان تائين صرف چار سي اين جي اسٽيشن لاءِ لائنسنس جاري ڪيا آهن جڏهن ته گئس جا زخيره انهيءَ صوبي ۾ آهن. قائمه ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر دلاور عباس اجلاس ۾ موجود اوگرا جي آفيسرن کي چيو آهي ته هو هن سلسلي ۾ سموريون ڏکيايون ختم ڪن.

 

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجي مرضي سان ايل پي جي جي قيمتن ۾ اضافو ڪنديون آهن اوگرا جي قائم مقام چيئرمين ٻڌايو آهي ته حڪومت جلدي گئس جي قيمتن جي حوالي سان اوگرا کي گائيڊ لائن ڏيندي ۽ حڪومت اوگرا جي ڪ ردار ۾ جلدي ترميم ڪندي جنهن کانپوءِ اوگرا گئس جي قيمتون طئي ڪندي.

 

سندس چوڻ آهي ته قيمتن ۾ واڌ جي حوالي جا الاهي ڪارڻ هوندا آهن ۽ هنن جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. هن چيو آهي ته هن شعبي ۾ الاهي ماڻهن سيڙپڪاري ڪئي آهي انهيءَ ڪري قيمتن ۾ واڌ جي حوالي سان سرمائيدار ۽ استعمال ڪندڙن جي مفاد جو جائزو وٺڻو پوندو.

 

ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول مصنوعات جون قيمتون برقرار رکڻ باري اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول مصنوعات ۾ چار رپي جي گهٽتائي ڪئي آهي پر استعمال ڪندڙن کي اڃان تائين هن جو فائدو ڪونه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اها رقم سبسڊي ۾ شامل ڪئي وئي آهي جيڪا حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ استعمال ڪندڙن کي ڏئي رهي آهي.

 

سينيٽر دلاور عباس جو چوڻ آهي ته عالمي منڊين ۾ پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ ڪري حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪندي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com