کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > روس ۾ شادين جي ڊوڙ

روس ۾ شادين جي ڊوڙ

ويچار ڊيسڪ
August 4th, 2008

روس ۾ اڄڪلهه شادين جي ڊوڙ لڳيل آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهون 8 آگسٽ 2008 تي شادي جو موقعو وڃائڻ نٿا چاهن. ماڻهن جو خيال آهي ته 8 آگسٽ 2008 هنن لاءِ مبارڪ ثابت ٿيندو.

 

ماسڪو ۾ مقامي اخبارن موجب 8 آگسٽ تي سمورا شادي آفيس ڏينهن رات کليل رهندا ڇاڪاڻ ته عام ڏينهن جي مقابلي ۾ هن ڏينهن ڏيندڙ شادين جو انگ به ڏهائي کان به وڌيڪ آهي.

 

شهر جي رجسٽري آفيس جي ترجمان سمر نوفا موجب عام طور تي سياري ۾ جمعي جي ڏينهن سئو کان هڪ هزار جوڙا شادي ڪندا آهن. شهر جي انتظاميه هن ڏينهن وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هن سان گڏ لنچ ۽ ڏنر بريڪ پڻ ختم ڪيو ويو آهي. اسين ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا سين ۽ هن سان گڏ آفيس کي ڊيڪوريٽ پڻ ڪندا سين.

 

گذريل سال 7 جولاء تي به اهڙو ئي ميلاپ ٿيو هو ۽ هن ڏينهن به تمام گهڻي ماڻهن جو ميلاپ ٿيندو. ڪجهه شهرن ۾ ته شادين جون درخواستون ٽي سيڪڙو وڌي ويون آهن ۽ سمورا هوٽل ۽ شادين لاءِ استعمال ٿيندڙ سموريون گاڏيون پهريان کان ئي بُڪ ٿيل آهن. ٽامسڪ ۾ ته مقامي انتظاميه شهر جي چوڪ ۾ گڏيل جشن مهلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

پر اخبار ڪومرسانت موجب انگ اکر سان اهو ثابت ڪونه ٿي سگهيو آهي ته 7 جولاء تي شادين ڪندڙن لاءِ اهو ڏينهن گهڻو ”لڪي“ ثابت ٿيو آهي.

 

گذريل سال 7 جولاء تي جن ماڻهن شادي ڪئي هئي هنن مان پنجويهه سيڪڙو ماڻهن کي طلاق ٿي چُڪي آهي. پر 8 آگسٽ تي صرف شاديون ڪونه ٿينديون بلڪ چين ۾ اولمپڪس جو افتتاح 8 آگسٽ تي 8 لڳي 8 منٽن تي ٿيندو.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com