اسرائيل جي بين گورين ايئرپورٽ تي سيڪورٽي انتظاميه کي هڪ ڊيوٽي فري شاپ تي 3 ورهين جي معصوم نينگري ملي آهي جنهن جا والدين کيس وساري پاڻ جهاز ۾ سوار ٿي ويا آهن. هن معصوم نينگري جا والدين پنهنجي پنج مان چار ٻارن سميت پئرس ويندڙ فلائيٽ ۾ سوار ٿي ويا ۽ کين خبر نه پئجي سگهي ته اُهي سندن معصوم نينگري ايئرپورٽ تي وساري آيا آهن.
پوليس ٻڌايو آهي ته نينگري جي والدين کي فلائٽ ٽيڪ آف ڪرڻ کانپوءِ ڪپتان ٻڌايو ته اوهان پنهنجي ڌيءُ کي ايئرپورٽ تي وساري ڇڏي آهي. ان نينگري کي ٻي فلائٽ جي ذريعي پئرس اُماڻيو ويو آهي پر اسرائيل موٽڻ کانپوءِ سندس والدين کان پُڇا ڳاڇا ٿيندي.
اي ايف پي هڪ پوليس اهلڪار جي حوالي سان لکيو آهي ته اها هڪ عام ڳالهه آهي ته مسافر تڪڙ ۾ پنهنجو ڪجهه سامان وساري ويندا آهن پر معصوم نينگري کي وسارڻ عام ڳالهه ناهي، ۽ اڄ کان پهريان ائين ڪونه ٿيو آهي.