کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > روس کي ڪيوبا سان وري تعلق قائم ڪرڻ گهرجن: پيوٽن

روس کي ڪيوبا سان وري تعلق قائم ڪرڻ گهرجن: پيوٽن

ويچار ڊيسڪ
August 5th, 2008

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس لاءِ وقت آهي ته هو سرد جنگ جي پراڻي دوست ڪيوبا سان وري تعلق قائم ڪري. روس جي حڪومت آمريڪا جي اوڀر يورپ ۾ ميزائل دفاعي نظام کان ناراض آهي ۽ گذريل مهيني هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته روس اڌ صدر کان آمريڪا کي لڳندڙ ڪنڊي کي پنهنجي ائٽمي بمبارن ۾ تيل ڀرڻ جي اڏي جي طور تي استعمال ڪري سگهي ٿو.

 

روس جي دفاعي وزير هن رپورٽ کي رد ڪندي چيو هو ته روس جو ملڪ کان ٻاهر ڪو به فوجي اڏو قائم ڪرڻ جو ارادو ناهي. پر آمريڪا جي جرنيل چيو هو ته اهڙو ڪو به ڪم خطري جي حد پار ڪرڻ برابر هوندو.

 

اعلي عهديدارن ۽ حڪومت جي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي پيوٽن چيو هو ته اسانکي ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن سان وري تعلق قائم ڪرڻ گهرجن. آمريڪي رياست فلوريڊا جي ٻيٽ کان رڳو 144 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪيوبا جا اڃان به آمريڪا سان رسمي سفارتي تعلق ناهن.

 

پيوٽن جي بيان کانپوءِ روس جي نائب وزير اعظم ايگور سچن ڪيوبا جو 3 ڏينهن جو دورو ڪيو جتي هن ڪيوبا ۾ سرمائيداري ۽ هن سان واپار باري فيڊل ڪاسترو جي ڀاءُ رائول ڪاسترو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو هاڻي ڪيوبا جو صدر آهي. سچن جو چوڻ آي ته ”اسين تعاون ڪرڻ لاءِ انرجي، زراعت، ٽرانسپورٽ، صحت ۽ مواصلات جي شعبن تي غور ڪيو آهي.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com