کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > نونهال نياڻي جا والدين جاپاني يا هندستاني؟

نونهال نياڻي جا والدين جاپاني يا هندستاني؟

ويچار ڊيسڪ
August 7th, 2008

هندستان جي شهر احمد آباد جي هڪ ميٽرنٽي هوم ۾ مسواڙ جي ماءُ (سرو گيٽ مدر) جي ڌيءُ کي خبر ناهي ته قانون ڇا آهي ۽ هن کي ماءُ جو قربت نصيب ٿيندي يا نه. گذريل پنجويهه جولاء تي هڪ هندستاني ماءُ جي اها ڇوڪري سائنسي لحاظ سان هڪ جاپاني جوڙي جي اولاد آهي. پر عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن هو هن دنيا ۾ آيل ته والدين جي طلاق ٿي چُڪي هئي، ائين ستر ورهين جي ڏاڏي سندس پوٽي کي وٺڻ لاءِ جاپان کان هندستان پهتي آهي.

 

ڏاڏي هن معصوم نياڻي کي جاپان وٺي وڃڻ چاهي ٿي پر هن عمل ۾ قانوني رنڊڪون آهن. اڃان تائين ننڍي نينگري جو جي پور جي هڪ اسپتال ۾ علاج ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڏاڏي هن جي سار سنڀار ڪري رهي آهي.

 

ڇوڪري جي پيءُ ڊاڪٽر يوڪو فوسي يا مادا طلاق کانپوءِ به کيس حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر قانوني ماهرن موجب هندستاني ڇوڪري کي ايڊاپٽ ڪرڻ لاءِ ذال مڙس ٻنهيءَ جي رضامندي هجڻ ضروري آهي. جي پور جي جنهن اسپتال ۾ اها ڇوڪري داخل آهي هتان جي ڊاڪٽر سنجي آريا جو چوڻ آهي ته:

 

هاڻي اها ڇوڪري صحتمند آهي ۽ هو سندس ڏاڏي سان آهي. پر ڏاڏي کي هن ڳالهه جو افسوس آهي ته کيس رڳو 3 مهينن جو ويزه مليو آهي ۽ کيس هن ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته جيڪڏهن هو ڇوڪري کي جاپان وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ته پوءِ ڇوڪري جو ڇا ٿيندو.

 

اسپتال ڇوڪري کي بي بي يا مادا جو نالو ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته ڇوڪري هندستاني ماءُ جي ڌي آهي ان ڪري جاپان کان پهريان سندس هندستاني پاسپورٽ ٺهڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر آريه موجب هن ڇوڪري جو پاسپورٽ ٺهرايو پيو وڃي. پر هن ۾ قانوني ڏکيايون آهن ته سندس ماءِ پيءُ جو نالو ڇا لکيو ويندو؟

 

ڇاڪاڻ ته هن ڇوڪري کي هڪ سروگيٽ ماءُ پيدا ڪيو آهي، اهڙي صورت ۾ ماءُ جي سڃاڻ ڳُجهي رکي وڃي ٿي. جي پور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل اجي ڪمار جين جو چوڻ آهي ته هندستاني قانون ۾ سرو گيٽ ماءُ جو نالو ناهي ۽ اهڙي ڇوڪري هندستاني هوندي ۽ جاپان کڻي وڃڻ کان پهريان سندس پاسپورٽ هجڻ لازمي آهي.

 

واضع رهي ته 26 جولاء تي احمد آباد ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن کانپوءِ ڇوڪري کي سيڪورٽي سبب جي پور نيو ويو هو. ڇوڪري اسپتال ۾ سندس ڏاڏي جي حفاظت ۾ آهي. سندس ڏاڏي نه هندي ڳالهائي سگهي ٿي نه وري انگريزي، هڪ ترجمان جي ذريعي ڇوڪري جي ڏاڏي بي بي سي ورلڊ کي ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر يامادا سندس ڌيءُ کي تمام گهڻو پيار ڪندو آهي. آئون پنهنجي پوٽي کي ڏاڍو پيار ڪندس، منهنجي اکين مان نڪرندڙ هنجو منهنجي جذبن جي عڪاسي عڪاسي ڪري رهيا آهن.

 

ملڪ جون سرحدون ٽوڙي ڇڏيو ۽ سائنسي اعتبار سان اها ڇوڪري ڪنهن جي اولاد آهي ڊاڪٽر سنجي آريه جو چوڻ آهي ته ”پيءُ ڊاڪٽر يامادا ۽ ماءُ يوڪي جاپاني آهن انڪري اُها ڇوڪري جاپاني آهي پر اها ڇوڪري هندستان ۾ ڄائي آهي ان ڪري کيس هندستاني چئي سگهجي ٿو.

 

اها حقيقت آهي ته سرحد ۽ قانون جون ڀتيون تمام سخت هونديون آهن پر هڪ اهڙي وقت ۾ هڪ ڌيءُ کي ماءُ جي قربت نصيب نٿي ٿئي جڏهن ته سندس سائنسي ۽ سروگيٽ ماءُ ٻئي زنده آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com