صدر مشرف 1999 ۾ هڪ اهڙي فوج جي بغاوت کانپوءِ اقتدار ۾ آيو جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. هن تڏهن وزير اعظم نواز شريف کي گهر موڪليو ۽ واعدو ڪيو ته هو پاڪستان ۾ جمهوريت نافذ ڪندو. هن واشنگٽن ۽ نيويارڪ تي ٿيل 2001 جي حملن کانپوءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ ائين هڪ فوجي آمر رات ئي رات ۾ صدر بُش جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ اهم ڪردار بڻجي ويو. پر تجزيه نگارن اڳڪٿي ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته سندس آمريڪا سان اها ويجهڙائپ پاڪستان ۾ شدت پسندن سان ٽڪراءُ جو ڪارڻ بڻجي ويندي.
هن مٿان ٻه ڀيرا خطرناڪ حملا ٿيا پر صدر مشرف خوش نصيب آهي ته هو ٻئي ڀيرا بچي ويو. گذريل سال جولاء ۾ هن گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ واقع لال مسيت ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن هتان جي مولوين ۽ شاگردن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي جيڪي ملڪ ۾ شريعت نافذ ڪرڻ چاهن ٿا. سرڪاري ذريعن موجب هن فوجي آپريشن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهون مارجي ويا. پر غير سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته هن آپريشن ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهون مري ويا هئا.
صدر مشرف جو مسئلو رڳو سخت اسلامي موقف رکندڙن سان نه هئا. اصلاحن جي سست رفتار ۽ صدر سان گڏ فوجي صدر رهڻ جي خواهش به صدر مشرف جي مخالفت وڌائي.
هن مُلڪ ۾ ايمرجنسي لاگو ڪئي ۽ چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جا ڪيترا ئي جج معطل ڪري ڇڏيا ته جيئن سندس ٻيهر صدر بڻجڻ جي خلاف فيصلو نه ٻڌايو وڃي. پر گذريل نومبر ۾ حزب اختلاف جي دٻاءُ ۾ هن فوجي صدر جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ قوم ٻيهر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فيبروري ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڃان تائين، جن ۾ سندس اتحادي پارٽي ناڪام ٿي وئي، هو تمام پوئتي رهيو آهي.
توڙي آئيني طور تي صدر مشرف اڃان به پارليامينٽ ٽوڙي سگهي ٿو پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هاڻي ائين ڪرڻ سندس هٿ وس ۾ ناهي ڇاڪاڻ ته هو سندس آخري جنگ پهريان ئي وڙهي چُڪو آهي.