کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > حضرت عائشه باري ناول ڇاپڻ تي پابندي

حضرت عائشه باري ناول ڇاپڻ تي پابندي

ويچار ڊيسڪ
August 11th, 2008

آمريڪي پبلشرز رينڊم هائوس مسلمانن جي ردعمل جي ڀئو کان پيغمبر اسلام جي ذال باري لکيل هڪ ناول ڇاپڻ جو ارادو ڇڏي ڏنو آهي. ”جيول آف مدينه“ نالي جو اهو ناول صحافي ۽ ناول ليکڪ شيري جونز لکيو آهي ۽ هن حضرت عائشه جي حياتي باري لکيو ويو آهي.

 

اهو ناول 12 آگسٽ تي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ موڪليو وڃي ها پر هاڻي رينڊم هائوس جو چوڻ آهي ته کين اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته ”هن ڪتاب سان ڪجهه مسلمان ڪاوڙجي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ڪٽڙ ٽولا تشدد لاءِ به ڀڙڪي سگهن ٿا.“

 

رينڊم هائوس جي نائب ناشر ٽاس پيري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”اسين سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ هن ناول جو ڇاپو هن مهل تائين ملتوي ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو، ليکڪ، رينڊم هائوس جي ملازمن ۽ ناول جي ورهاست ۽ وڪرو ڪندڙ ماڻهن جي حفاظت کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.“

 

رينڊم هائوس موجب هن ناول جي ليکڪ ڪنهن ٻي ڇاپي خاني کان اهو ناول پبلش ڪرائي سگهي ٿي. ناول جي ليکڪ شيري جونز جو چوڻ آهي ته جڏهن مئي ۾ کيس هن ڳالهه جي خبر پئي ته سندس ليک جو ڇاپو بغير طئي ٿيل وقت تائين ملتوي ڪيو ويندو ته هو اچرج ۾ پئجي وئي.

 

رينڊم هائوس طرفان ناول پبلش نه ڪرڻ جي ڳالهه هن مهل واضع ٿي جڏهن آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل ۾ ڇپيل مضمون ۾ مسلمان ليکڪ اسري نعماني هن واقعي باري ٻڌائيندي افسوس جو اظهار ڪيو. اسري نعماني جو چوڻ آهي ته پبلشرز کي هن ڳالهه جو ڀئو آهي ته هن ناول جي پبلش ٿيڻ جو ردعمل اهڙو نه هئي جيئن سلمان رشدي جي ناول ”شيطاني آيات“ جي ڇاپي کانپوءِ ٿيو هو.

 

سندس مضمون ۾ اسري نعماني اهو پڻ لکيو آهي ته هن ناول جي مخالفت جو سلسلو شروع ڪندڙن ۾ ٽيڪساس يونيورسٽي جي پروفيسر ڊينس اسپلبرگ جو نالو به شامل آهي. پروفيسر اسپلبرگ کي اها ڪتاب ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو هو ۽ اسپلبرگ هن ڪتاب کي ”بيوقوفي“ ۽ گهٽيا درجي جي فحاشي چيو هو.

 

اسري جو مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ پروفيسر ڊينس اسپلبرگ انهيءَ اخبار ۾ اهو لکيو ته هو اڪيلي هن ڪتاب کي پبلش ٿيڻ کان روڪي سگهندي هئي ان ڪري هن سندس ذميواري سمجهي ته پريس کي ٻڌايو وڃي ته اهو ناول ڪيئن مسلمانن کي ڀڙڪائي سگهي ٿو.

 

ناول جي ليکڪ شيري جونز ڪڏهن به وچ اوڀر جو دورو نه ڪيو. هن فقط ڪجهه سالن تائين عرب تاريخ جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اهو ناول هنن سڀنيءَ شئين جو نتيجو آهي جنهن جي هن تربيت حاصل ڪئي آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com