بيجنگ اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ ميوزڪ ڊائريٽر تسليم ڪيو آهي ته جنهن ننڍي ڇوڪري شو ۾ ڪليدي پرفارمنس ڏني هئي هن اصلي گاني سان صرف چپ لوڏايا هئا. چين شيڪانگ جو چوڻ آهي ته 9 ورهين جي ڇوڪري ميڪائوڪي کي هڪ اهڙي گاني تي پرفارم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو جنهن جي صورت وڌيڪ سهڻي ڪونه هئي. اصلي گلوڪاره 7 ورهين جي يانگ پييئي جو منهن بد صورت ۽ ڏند به خراب هئا.
چين انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسين اهو فيصلو ڪميونسٽ پارٽي جي وڏي عهديدارن جي درخواست تي ڪيو آهين سندن چوڻ آهي ته سين اهڙو ڪجهه ڪرڻ جي باري سوچي رهيا آهيون جيڪو اسانجي ملڪ لاءِ بهترين ثابت ٿيندو.
اها ڳالهه عام ٿيڻ کانپوءِ انٽرنيٽ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو آهي. پر يانگ، سرڪاري خبرن جي اداري چائنا نيوز سروس کي ٻڌايو ته صرف سندس آواز جو افتتاحي تقريب ۾ شامل ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه هئي.