کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > بلوچستان: يوم آزادي ۽ يوم سياه ملهايو ويندو

بلوچستان: يوم آزادي ۽ يوم سياه ملهايو ويندو

ويچار ڊيسڪ
August 13th, 2008

بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ اڻ سڃاتل ماڻهن فائرنگ ڪري پنجاب جي ٻه پورهيت قتل ڪري ڇڏيا آهن. ٻي پاسي صوبائي حڪومت 14 آگسٽ تي ڪوئيٽا ۾ سيڪورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن ۽ بلوچ مزاحمت ڪارن 14 آگسٽ تي سموري صوبي ۾ ناراضگي جو اظهار ڪرڻ لاءِ يوم سياح ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

ڪوئيٽا جي مصروف شاوڪاهه روڊ تي اڱاري جي ڏينهن اڻ سڃاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ٻه پورهيت عبدالمجيد ۽ محمد علي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ واٽهڙو محمد سني کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ ملزم موٽر سائيڪل تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ڪيس درج ڪيو آهي پر اڃان تائين ڪو به ماڻهون گرفتار ڪونه ٿي سگهيو آهي.

 

پوليس موجب واقعي ۾ مري ويل ٻنهيءَ ماڻهن جو تعلق پنجاب جي علائقي ميان چنون سان هيو ۽ اُهي پورهيو ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا آيا هئا. بلوچ لبريشن آرمي جي ترجمان بيبرنگ بلوچ هن واقعي جي ذميواري قبول ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪوئيٽا سميت صوبي جي ڪنهن به علائقي ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي جلسن تي حملا ٿي سگهن ٿا ان ڪري ماڻهون اهڙي جاين تي نه وڃن. سندس موجب بلوچستان ۾ 3 ورهين کان جاري فوجي آپريشن جي خلاف بلوچ قوم هلندڙ سال به 14 آگسٽ کي يوم سياه جي طور تي  ملهائيندي.

 

صوبائي حڪومت هنن حملن کانپوءِ 14 آگسٽ تي يوم آزادي جي جلسن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ سيڪورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته فرنٽيئر ڪور جي اهلڪارن کي اهم سرڪاري عمارتن تي تعينات ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي ڊيره اڪبر بگٽي ۾ اڻ سڃاتل ماڻهن پير ڪوهه کان سوئي ويندڙ سورهن انچ ويڪري گئس پائپ لائن کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي. بلوچ ريپبلڪن آرمي جي ترجمان سرباز بلوچ هن واقعي جي ذميواري قبول ڪندي سوئي جي ويجهو هڪ ريموٽ ڪنٽرول بم حملي ۾ ايف سي جا ڪيترا ئي اهلڪارن مارڻ جي دعوي ڪئي آهي پر ڪوئيٽا ۾ ايف سي ذريعن هن جي تصديق ڪونه ڪئي آهي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته بلوچستان ۾ گذريل ٽن ورهين کان بلوچ قومپرست پارٽيون 14 آگسٽ تي احتجاج جي طور تي يوم سياهه ملهائينديون آهن بلڪ بلوچ مزاحمت ڪارن طرفان صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بم ڌماڪا پڻ ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته بلوچ قومپرست پارٽيون اڄ به مطالبو ڪري رهيون آهن ته صوبي ۾ فوجي آپريشن جلدي بند ڪري بلوچستان جي عوام کي سندن وسيلا تي حق ڏنو وڃي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com