آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب صدر بُش جي مشيرن کيس صدر مشرف جو فون نه ٻُڌڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ هن سان گڏ اهو به چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن کان جنرل مشرف ۽ بُش انتظاميه جي وچ ۾ رابطو ڪونه رهيو آهي. واشنگٽن پوسٽ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو پڻ لکيو آهي ته صدر مشرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين استعفو ڏئي ڇڏيندو.
ساڳئي ريت واشنگٽن پوسٽ سميت آمريڪي پرنٽ ميڊيا هلندڙ هفتي جي آخر تائين ڪيترين ئي رپورٽن ۾ لکيو آهي ته صدر مشرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين پاڪستان جو صدارتي عهدو ڇڏڻ وارو آهي. انهن رپورٽن موجب صدر مشرف کي ”محفوظ رستو“ ڏيکارڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪاروايون ٿي رهيون آهن.
بهرحال ”واشنگٽن پوسٽ“ لکيو آهي ته صدر مشرف جي خلاف پاڪستان ۾ نئين حڪومتي اتحاد طرفان مواخذي جي تحريڪ جي صورت ۾ هن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي جڏهن ته وائٽ هائوس صدر مشرف جي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي مامري واري ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل آهي.
”واشنگٽن پوسٽ“ بُش انتظاميه ۾ پنهنجي ذريعن جو حوالو پيش ڪندي چيو آهي ته نائب صدر ڊڪ چيني اڃان به صدر مشرف جي حمايت ڪري رهيو آهي جڏهن ته صدر بُش کي سندس مُشيرن پرويز مشرف کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڏو حمايتي سمجهندي سندس مواخذي جي مامري کان پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.
”واشنگٽن پوسٽ“ موجب حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ ايم اين اي فرح ناز اسفهاني دعوي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صدر مشرف سندس عهدو ڇڏي ويندو.
واشنگٽن پوسٽ موجب ”ٻه دفعو دهشتگردن جي هٿان قاتلاڻي حملن کان بچڻ ۾ ڪامياب ۽ ماضي ۾ بحران ڪنٽرول ڪندڙ صدر مشرف هن دفعي سندس سياسي حياتي جي مواخذي جي صورت ۾ سڀ کان ڏکي حالتن جو شڪار ٿيل آهي.
پر واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته صدر مشرف کانپوءِ پاڪستان وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي پوندو. ٻي پاسي آمريڪي جريدي ”يو ايس نيوز اينڊ ورلڊ رپورٽ“ لکيو آهي ته صدر مشرف جي هٿان وقت نڪري رهيو آهي. اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته صدر مشرف کي سندس ويجهي دوستن استعفو ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي جڏهن ته اطلاعن موجب سعودي جاسوسي ايجنسي جي صدر، صدر مشرف جي حفاظت لاءِ حڪومتي اتحاد جي وڏي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي پاڪستاني فوج جي صدر جنرل اشفاق پرويز ڪياني به فوج طرفان صدر مشرف تي ظاهر ڪيو آهي ته فوج سندس خواف مواخذي ۾ غير جانبدر رهندي. پر اخبار ”نيويارڪ ٽائمز“ صدر جي حمايتي سياستدان چوڌري شجاعت حسين جي حوالي سان لکيو آهي ته صدر مشرف استعفو ڏيڻ بدران مواخذي ۾ سندس خلاف سموري الزامن جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.