کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > دهشتگردي پاڪ ڀارت امن ۾ رنڊڪ: منموهن سنگهه

دهشتگردي پاڪ ڀارت امن ۾ رنڊڪ: منموهن سنگهه

ويچار ڊيسڪ
August 17th, 2008

هندستان جي وزير اعظم منموهن سنگهه خبردار ڪيو آهي ته دهشتگردي سان پاڪستان هندستان ۾ هلندڙ امن معاهدو خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. هن هندستان، ڪشمير ۾ به امن جو مطالبو ڪيو آهي جتي هلندڙ ڏينهن ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ هندستان نواز مظاهرن جي ڪارڻ ڳڻتي آهي.

 

نئين دهلي ۾ لال قعلي جي تاريخي فيصل کي هندستاني يوم آزادي جي موقعي تي خطاب ڪندي منموهن سنگهه جو چوڻ هو ته ڪابل ۾ هندستان جي سفارتخاني تي خودڪش حملي سبب پاڪستاني تعلقن کي بهترين ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن.

 

هندستان ۽ افغانستان 7 جولاء تي ٿيندڙ حملي لاءِ پاڪستاني خفيه ايجنسي تي الزام هنيو آهي. پر پاڪستان هن بيان جي تنقيد ڪئي آهي. هندستاني وزير اعظم پاڪستان تي دٻاءُ ڏنو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته دشتگردي سبب ٻنهيءَ ملڪن جو عوام متاثر ٿيندو.

 

هندستان طويل عرصي کان پاڪستان تي الزام هڻي رهيو آهي ته هو هندستان ۾ دهشتگردي جي حملن ۾ شامل تنظيمن جي مدد ڪندو آهي ۽ ڪشمير ۾ مسلمان ورهاست پسندن جي پٺڀرائي ڪندو آهي. پر گذريل 24 ورهين ۾ امن لاءِ جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ ٻنهيءَ مخالفن ۾ دوستي جي فضا پيدا ٿي آهي.

 

منموهن سنگهه دهشتگردي، بُنياد پرستي ۽ نسل پرستي کي هندستان جي وحدت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ڄاڻايو آهي. ڪشمير ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ مظاهره به هندستاني حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻجي رهيا آهن. هي مظاهره هن اختلاف کان شروع ٿيا هئا جڏهن هندن ڪشمير ۾ هڪ پلاٽ تي ياترين جي رهڻ لاءِ عمارت ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، حڪومت پهريان زمين هندن کي الاٽ ڪئي هئي پر بعد ۾ مسلمانن طرفان اعتراض ڪرڻ کانپوءِ هن فيصلو موٽائي ورتو هو.

 

هن کانپوءِ ڪشمير ۽ مقبوضه ڪشمير ۽ رتوڇاڻ شروع ٿي ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون.

 

هندستان آزادي جي ڏينهن ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سخت سيڪورٽي جو انتظام ڪيو ويو هو. دهلي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ هزاري پوليس اهلڪار تعينات ڪيا ويا هئا ته جيئن مائو نواز باغين ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي حملن جو بچاءُ ڪري سگهجي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com