کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان صدارتي چونڊن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن

آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان صدارتي چونڊن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن

ويچار ڊيسڪ
August 27th, 2008

ڊينور ۾ جاري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪنوينشن دوران جڏهن سموري توجه سياسي تقريرن ۽ راء عامه جي جائزن تي آهي، ڪيترن ئي مذهبي ماڻهن کي آمريڪا جي سياسي نظام جو حصو بڻائڻ لاءِ خاص جلسن جو انتظام پڻ ڪيو وڃي ٿو. هڪ اهڙو ئي جلسو مسلم پبلڪ افيئرز ڪائونسل هيٺ ٿيو. هن جلسي ۾ اسلام ۽ ٻين مذهبن جي معتقدن جي وچ ۾ ويچار ونڊ ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

مسلم افيئرز جي صفيه غوري آمريڪي سياست ۾ مسلمانن جي ڪرداري تي ويچار ونڊ ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ ماڻهون، خاص طور تي نوجوان حقيقي معني ۾ سينيٽر اوبامه کي پسند ڪندا آهن ۽ هن مهل هنن کي باراڪ اوباما جي پيغام ۾ جيڪا شئي اپيل ڪري ڪري رهي آهي هو اها آهي ته هو آمريڪا کي هڪ نئين پاسي کڻي وڃڻ چاهي ٿو هن سان گڏ مسلم ڪميونٽي ۾ هن ڳالهه جو احساس به ٿي رهيو آهي ته آمريڪا جي سياسي عمل کي حصو بڻجڻ کان علاوه پنهنجي لاءِ سٺو مقام حاصل ڪرائڻ تمام ڏکيو آهي ان ڪري توهانکي ڪنونشن ۾ ايترا مسلمان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. مسلمان ئي نه بلڪ ٻين اقليتن ۾ اهو پهريون ڪنونشن آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سموري اقليتن جي ايتري زبردست نمائندگي ڪئي وئي آهي.

 

آمريڪا هسپانوي رهواسين جو به تمام وڏو انگ موجود آهي ۽ ماهرن اندازو لڳايو آهي ته جنهن رفتار سان سندن آبادي وڌي رهي آهي هن کي ڏسندي ايندڙ پنجويهه سالن ۾ هو آمريڪي آبادي جو ٽيهه سيڪڙو حصو بڻجي ويندا. ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪنونشن ۾ موجود هڪ هسپانوي رهواسي ناٽيوو لوپيز آمريڪي صدارتي چونڊن جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار اهڙي ريت ڪيو.

 

آمريڪا ۾ رهندڙ هسپانوين جو وڏو انگ اوباما کي ووٽ ڏئي سگهي ٿو ۽ راء عامه جي جائزن موجب سٺ کان پنجهٺ سيڪڙو هسپانوي باراڪ اوباما جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهن ته جان ميڪن کي صرف ويهه کان پنجويهه سيڪڙي جي حمايت حاصل آهي پر اسين ٻنهيءَ پارٽين کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته اسانکي صرف ووٽ وڄڻ جو وسيلو نه سمجهيو وڃي ۽ هاڻي هنن کي سموريون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون جن لاءِ اُهي واعده ڪري رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته اسين يعني عوام، سياستدانن کي سندن ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ هنن مٿان دٻاءُ وجهي سگهون ٿا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com