ڪيلي فورنيا آمريڪا جي هڪ اهڙي پهرين رياست بڻجي وئي آهي جتي ڄمڻ واري چڪنائي يعني ٽرانس فيٽ جي استعمال تي پابندي لاگو ڪئي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها چڪنائي رت جي شريانن ۾ ڄمڻ کانپوءِ هنن کي سوڙهو ڪندي آهي جنهن ڪارڻ دل جي بيمارين، فالج ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿيڻ جو خطرو آهي.
ماهرن حڪومت جي هن فيصلي جي تعريف ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه تنقيد ڪندڙن هن پابندي کي ماڻهن جي آزادي تي حملو چيو آهي. ڪيلي فورنيا ۾ هن پابندي جو سڀ کان گهڻو اثر فاسٽ فوڊ ريسٽورانٽس تي پوندو ڇاڪاڻ ته اُهي چپس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڊشيون مزيدار بڻائڻ لاءِ هنن کي اهڙي گيهه ۾ ترندا هئا جن ۾ ٽرانس فيٽ به شامل هوندي هئي. هاڻي هنن کي قانوني طور تي ٽرانس فيٽ جو استعمال بند ڪرڻو پوندو. جنهن جو اثر هنن جي تيار ڪيل فاسٽ فوڊ جي ذائقن تي به پئجي سگهي ٿو. اها تبديلي سندن گراهڪن جو انگ به متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ اهو به خدشو آهي ته هو اهڙي فاسٽ فوڊ ڏانهن ڌيان ڏين جيڪو ٽرانس فيٽ کان بغير هجي پر خوشبو ۽ ذائقي ۾ بلڪل اهڙو هجي.
ڪيلي فورنيا جي هڪ ريسٽورنٽ جي مالڪ پٽسي لين جو چوڻ آهي ته رياست جو اهو فيصلو شخصي آزادي جي خلاف آهي. اسانکي گراهڪ ٻڌائن ٿا ته هنن کي ڪهڙا طعام پسند آهن. طبعي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت هو اهو فيصلو ماڻهن کي مهلڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ قدم آهي. هن اهو به چيو هو ته ٽرانس فيٽ انسان جي ئي ايجاد آهي. جڏهن ته ڪنهن نباتاتي تيل مان هائيڊروجن گئس شامل ڪئي وڃي ٿي ته هو ٽرانس فيٽ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر مائيڪل هرٽ جو چوڻ آهي ته ٽرانس فيٽ تي پابندي هڪ سٺو فيصلو آهي. هر سال کلين ماڻهون صرف ٽرانس فيٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين سان مرندا آهن. هوٽلن ۾ هنن جي استعمال تي پابندي لاگو ڪري لکين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ ماڻهن کي صحت مند رکڻ لاءِ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي.
هوٽلن ڪيترا ئي سال پهريان ٽرانس فيٽ جو استعمال هن جي سستي اگهه سبب شروع ڪيو هو. ٻيو اهو ته هن ۾ پچيل ڊش گهڻي دير تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو ۽ هن جي استعمال سان ماني جو ذائقو به سٺو ٿيندو آهي. فاسٽ فوڊ جو هڪ شوقين جنهن جو چوڻ هو ته اهو اختيار صرف منهنجي ذال کي آهي ته هو مونکي ٻڌائي ته مونکي ڇا ڪائڻو آهي بلڪ ڪيليفورنيا جي صدر کي نه.
هن نئين قانون هيٺ ڪيلي فورنيا جا سمورا هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن کي هڪ سال جي اندر ٽرانس فيٽ جو استعمال بند ڪرڻو پوندو. نه ته هن عرصي کانپوءِ ٽرانس فيٽ استعمال ڪرڻ تي کين وڏو جرمانو ادا ڪرڻو پوندو.