آمريڪي نائب صدر جي عهدي لاءِ ريپبلڪن پارٽي جي اُميداور ساره پيلن لاءِ ڪجهه نئون ڪرڻ هڪ نئين ڳالهه ناهي. هو الاسڪا جي سڀ کان گهٽ عمر جي ۽ پهرين عورت گورنر چونڊجي ڪري پهريان ئي رياستي تاريخ ۾ پنهنجو نالو رقم ڪرائي چُڪي آهي. 44 سالن جي ساره 2006 ۾ الاسڪا جي گورنر چونڊجي وئي ۽ کيس گورنري جي ٻن ورهين جي دور ۾ اصلاحون متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
سال 2008 جي صدارتي اليڪشن جي ڊوڙ ۾ کيس پنهنجي نائب صدر جي طور تي سڃاڻ ڪرائيندي ريپبلڪن صدارتي اُميدوار جان ميڪين چيو ته ساره هڪ بااصول ۽ رحمدل عورت آهي جنهن ۾ ڏکياين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.
الاسڪا جي گورنر چونڊجڻ کان پهريان ساره وسيلا نالي جي شهر جي ڪائونسل ممبر ۽ 1996ع ۽ 2000ع تائين انهيءَ شهر جي ميئر رهي آهي. 1987 ۾ اداهو يونيورسٽي کان صحافت ۽ سياسيات جي ڊگري حاصل ڪندڙ ساره سياست ۾ اچڻ کان پهريان ٽيليويزن تي راندن جون خبرون پڙهندي هئي بلڪ هو سندس آٻاڻي شهر ۾ ٿيندڙ مقابلا حسن به کٽي چُڪي آهي.
هاڻي چيو وڃِ ٿو ته عورت اُميدوار هجڻ سبب ساره پيلن جو چونڊ جان ميڪين جي چونڊن جي مهم کي ڏاڍو فائدو رسائيندي ۽ هنن ڊيموڪريٽ ووٽرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ ڪامياب ٿيندي جيڪي هيلري ڪلنٽن جي صدارتي اُميدوار جي ڊوڙ کان ٻاهر هجڻ سبب ناراض آهن.
ساره پيلن کي سندس مضبوط سماجي ۽ الاهي قدامت پرستي جي سبب سڃاتو وڃي ٿو. هو اسقاط حل جي مخالف جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي جنهن جي هڪ مثال هو پاڻ آهي جڏهن هن سنسد پنجين ٻار جي پيدائش کان پهريان اهو ڄاڻڻ کانپوءِ به اسقاط ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو ته سندس ٻار ”ڊائونز سنڊروم“ جو شڪار آهي.
ساره پاڻ کي هڪ عام آمريڪي عورت جي طور تي ووٽرن جي سامهون پيش ڪرڻ ۾ به سدائين ڪاميابي ماڻي آهي. ريپبلڪنز طرفان نامزدگي جي موقعي تي به ساره چيو ته سياست جي ميدان ۾ اچڻ کان پهريان ”الاسڪا جي هڪ عام ماءُ“ هئي.
پاڻ ساره موجب نائب صدارت لاءِ نامزدگي سندس لاءِ غير متوقع خبر هئي پر سندس چوڻ آهي ته سندس ڪيريئر هڪ ئي خواهش تي آهي ۽ اُها آهي ”سڀ کان پهريان عوام“.
الاسڪا جي گورنر جي سطح کان به ساره ڪيترن ئي نسلي اصلاحون منظر عام تي آنديون ۽ سندس چوڻ آهي ته هو صحيح ۽ عوام لاءِ مفيد عمل لاءِ سياسي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ به تيار آهي.
کيس الاسڪا ۾ رشوت جي روڪٿام لاءِ به سڃاتو وڃي ٿو ۽ هن جي هڪ وڏي مثال 2003 ۾ ساره جو ممبر الاسڪا تيل ۽ گئس ڪميشن رياست پبلڪنز جي ڪمن جي جاچ ڪرائڻ آهي. پر هن مهل پاڻ به هڪ اسٽيٽ پبلڪ ڪمشنر کي نوڪري کان لاهڻ سبب سندس خلاف هڪ انڪوائري ٿي رهي آهي.
ساره پيلن الاسڪا نيشنل گارڊز جي صدر به آهي ۽ جان ميڪين موجب اها هن ڳالهه جي علامت آهي ته هو سڃاڻي ٿي ته اسانجي قوم جي قيادت لاءِ ڪهڙي شئي ضروري آهي. پر اهو سڀ ڪجهه هجڻ کانپوءِ به تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته قومي ۽ عالمي سطح تي تجربي جي کوٽ ڪارڻ ساره نائب صدارت لاءِ هڪ مناسب اُميدوار ناهي.