کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > صدارتي اليڪشن ۽ ق ليگ جي سياست

صدارتي اليڪشن ۽ ق ليگ جي سياست

ويچار ڊيسڪ
August 31st, 2008

پاڪستان ۾ صدارتي چونڊن جي مهم پنهنجي عروج تي آهي ۽ ظاهر طور تي جوڙ توڙ ٿي رهيو آهي پر اڃان تائين مسلم ليگ نواز نه وري پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ق کي پنهنجي حق ۾ ڪري سگهي آهي. پر هاڻي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ق جي قائد حزب اختلاف چوڌري پرويز الاهي به هنن رابطن جي تصديق ڪري رهيا آهن.

 

پرويز الاهي لاهور جي گورنر هائوس ۾ گورنر پنجاب سلمان تاثير سميت پيپلز پارٽي جي رُڪنن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻي پاسي مسلم ليگ جا حلقا اهو چئي رهيا آهن ته هاڻي مسلم ليگين کي متحد ٿيڻ گهرجي.

 

انهن ٽنهيءَ پارٽين تي اهو الزام پڻ لڳايو وڃي ٿو ته هي پنهنجي پنهنجي موقف کان ڦري هڪ ٻئي سان دوستي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن. مثال طور آصف علي زرداري جنهن پارٽي کي ”قاتل ليگ“ چيو هاڻي انهيءَ پارٽي کان ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه ڏيو لاءِ راضي آهي. نواز شريف به جنهن کي غدار چوندو هو هاڻي ساڳئي پارٽي سان اتحاد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

 

هنن الزامن جي سچائي تي آڱر کڻڻ تمام ڏکيو آهي ۽ هن سان گڏ دليلون به روايتي لڳي رهيون آهن ته سياست ۾ اڄوڪا دوست سڀاڻي دشمن ۽ ڪالهه جا دشمن اڄوڪا دوست هوندا آهن. مفروضي جي طور تي اهڙيون دليلون تسليم ڪري اهو مڃيو به وڃي ته پاڪستان جي موجوده سياست ظاهر طور تي موقع پرستي جو ٻيو نالو آهي پر وري به اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هنن ٻنهيءَ وڏي پارٽين مان ڪنهن هڪ سان اتحاد ڪرڻ ڇا پاڻ مسلم ليگ ق لاءِ مفيد ثابت ٿيندو؟

 

مشهور تجزيه نگار ۽ ڪالمسٽ عباس اطهر جو چوڻ آهي ته ”مسلم ليگ نواز سان اتحاد جو مطلب آهي مسلم ليگ ق جو خاتمو. سندس چوڻ آهي ته نواز ۽ ق ليگ جو اتحاد ڪونه ٿي سگهندو بلڪ ق ليگ نواز ليگ ۾ سمائجي ويندي ۽ هن جو وجود ختم ٿي ويندو.

 

ائين مبصرن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ق ۾ اعجاز الحق ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي هستيون موجود آهن جيڪي پنهنجي سياست ڇڏڻ لاءِ شايد راضي هجن پر پيپلز پارٽي سان ڪنهن صورت ۾ اتحاد ڪونه ڪنديون. پاڻ چوڌري ڀائرن اڄ تائين پ پ مخالف سياست ڪئي آهي، اُهي پيپلز پارٽي کي پنهنجي بزرگ چوڌري ظهور الاهي جو قاتل چوندا آهن.

 

سياست ۾ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي مورثي مخالفت کي نظر انداز ڪري پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪن پر هن صورت ۾ خطرو آهي ته ڪٽر پ پ مخالف ۽ سندن دوستن جو هڪ تمام وڏو انگ ڌار ٿي ڪري مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿي ويندو جيڪي شامل نه ٿي سگهندا اُهي آسي پاسي هليا ويندا ۽ شايد مسلم ليگ ق ڪڻو ڪڻو ٿي پوي.

 

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ق کي پنجاب ۾ اقتدار ڏيڻ جون ڳالهيون اهڙي ڪوڙي لالچ آهي جنهن جو مقصد اتحادي پارٽي مسلم ليگ نواز کي ڊيڄارڻ کان علاوه ڪجهه به ناهي. پيپلز پارٽي جيڪڏهن پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جواب ۾ مرڪز ۾ مسلم ليگ نواز جهڙي عوامي طاقتور پارٽي جو وار سهڻو پوندو جيڪو ق ليگ ڪڏهن به ڪونه سهي سگهندي.

 

شايد ق ليگ وارا اڃان تائين هي ڳالهيون سمجهي ويا هوندا ان ڪري سندن صدارتي اُميدوار شاهد حسين شڪست ڪاميابي کان بي پرواهه ٿي ڪري ميدان ۾ آيو آهي. هو واضع طور تي سندس چونڊ مهم هلائي رهيو آهي ۽ هو اڪيلو اُميدوار آهي جنهن سڌو سنئون آصف علي زرداري جي ذات کي نشانو بڻايو آهي ۽ سندس ذهني حالت باري سوال ڪيو آهي.

 

هن جي ابتڙ مسلم ليگ نواز احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ جڏهن بيرسٽر فاروق حسن، شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ اهو بيان جاري ڪيو ته شريف ڀائر، آصف علي زرداري جي دماغي صحت باري رپورٽون گڏ ڪري رهيا آهن ته شهباز شريف هن کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسلم ليگ ق وٽ وڃائڻ لاءِ اقتدار نه آهي ان ڪري هو واضع طور تي ڳالهائي رهي آهي. شايد اُهي انتظار ڪري رهيا آهن ته موجوده حڪمران ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ فيل ٿين ۽ عوام اهو سوچڻ سمجهڻ لاءِ مجبور ٿئي ته پرويز مشرف جي صدارت ۾ مسلم ليگ ق جو دور بهترين هيو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com