نيويارڪ جي علائقي بفيلو ۾ اسلامي مدرسي ۾ هڪ شاگردياڻي طرفان ناجائز جنسي تعلقن جو الزام هڻڻ کانپوءِ مدرسي جي پرنسپل استعفي ڏئي ڇڏي آهي. پرنسپل هن شاگردياڻي کي سندس ٻي ذال ڄاڻايو آهي. ثبوتن کانپوءِ خبر پئي آهي ته مدرسي جي پرنسپل محمد ابراهيم ميمڻ جيڪو 7 ٻارن جو پيءُ به آهي هن 21 ورهين جي ساجده خان سان هم بستري لاءِ اسلامي قانونن جو سهارو ورتو.
مدرسي جو پرنسپل جيڪو هڪ اسلامي اسڪالر ۽ امام به آهي ست ورهين لاءِ دارالعلوم المدينه ڇڏڻ لاءِ رضامند آهي. هن کان علاوه پرنسپل هن ڳالهه تي به رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ٻيهر بحال ٿيو ته هو ڪڏهن به ڇوڪرين کي ڪونه پڙهائيندو. مسلم پبلڪ افيئرز جي مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد قاضي ابراهيم ميمڻ جي رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
ڇوڪري جي والدين بيان ڏنو آهي ته اسين امام ابراهيم ميمڻ تي اعتبار ڪيو هو پر هن اسان سان ويساهه گهات ڪيو آهي. ساجده خان جي پيءُ چوڌري اي خان جو چوڻ آهي ته آئون پنهنجي 4 ٻارن کي مدرسي اُماڻيو پر اسان سان ڌوڪو ٿيو آهي. سندس چوڻ آهي ته آئون چاهيان ٿو ته ماڻهن کي هن ڳالهه جي خبر پئجي سگهي ته اهڙا ماڻهون اسلامي قانونن تي عمل ڪري رهيا آهن نه وري آمريڪي قانونن تي، بلڪ اُهي صرف ۽ صرف پنهنجي مفاد جو خيال رکن ٿا.