نوشهرو ڪران ۾ 14 سرڪاري اسڪولن جي عمارتن تي لينڊ مافيا طويل عرصي کان قبضو ڪيو آهي. وسيلن موجب نوشهره ڪران جي علائقي شمسا ڍاڏا، قلعه مول سنگهه، غوري حروواري، توليڪي تتلي، چڪم حيدر، بيتي والي، ڪوٽ قاضي ۽ مالڪي ۾ پراڻي چوڏهن سرڪاري اسڪولن جي عمارتن تي لينڊ مافيا قبضو ڪيو آهي، لينڊ مافيا وارا سرڪاري اسڪولن جي عمارتن ۾ ڍور پالي رهيا آهن.
قبضو ختم ڪرڻ لاءِ تعليم واري کاتي جي انتظاميا پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن صورتحال سبب شاگرد ميدانن ۾ پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آهن. ڊي ڊي او ايجوڪيشن مشتاق غمان جو چوڻ آهي ته تعليمي کاتو جلدي اسڪولن جي عمارتن تي ڪنٽرول ڪري وٺندو.