پنجاب حڪومت عوام تائين اٽو پهچائڻ لاءِ پوليس فورس ۽ فوڊ جي کاتي جي مدد سان فلور ملز تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. فلور ملز ايسوسيئشن ۽ انتظاميه جي وچ ۾ ويهه ڪلو اٽي جي ڳوڻ جو ملهه طئي نه ٿيڻ تي رات پوليس ۽ سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت جو عملو شهر جي ويجهي فلور ملز ۾ پهچي ويو ۽ ڪڻڪ پيهڻ شروع ڪرائي.
هنن جو چوڻ هو ته اڄ آچر بازارن ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ڪونه ڪرڻ ڏيندا سين. ڪيترن ئي فلور ملز جا مين گيٽ پوليس جي مدد سان بند ڪرايا ويا، ڪنهن به ماڻهون کي اندر اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪونه هئي. انهيءَ سان گڏ حڪومت ٽرڪ به تيار رکيا هئا ته جيئن مل مالڪ ڪو جواز نه پيش ڪري سگهن.
ڪيترن ئي جاين تي مل ملازمن مزاحمت ڪئي پر پوليس زبردستي اندر داخل ٿي بلڪ هنن ملون پڻ شروع ڪرايون. ۽ صبح بازار ۾ اٽو ملڻ شروع ٿي ويو. ٻي پاسي فلور ملز ايسوسيئشن جي اعزازي مشير بلال صوفي جو چوڻ آهي ته سرڪاري ريٽ کان وڌيڪ مُلهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي. حڪومت ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري رهي آهي جبر جو نظام وڌيڪ عرصي تائين ڪونه هلندو.