کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > هندستان: 10 هزار عيسائين پناهه گير ڪئمپ ۾ پناهه ورتي آهي

هندستان: 10 هزار عيسائين پناهه گير ڪئمپ ۾ پناهه ورتي آهي

ويچار ڊيسڪ
September 1st, 2008

هندستان جي صوبي اڙيسه ۾ انتظاميه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ هندن ۽ عيسائين جي وچ ۾ جهيڙي فساد کانپوءِ ڏهه هزار عيسائين پناهه گير ڪئمپن ۾ پناهه ورتي آهي. ڀونيشور کان مقامي صحافي سنديپ ساهو موجب صوبي جي ڪنڌمال ضلع ۾ ست پناهه گير ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن ۽ هنن ڪئمپن ۾ عيسائين به پناهه ورتي آهي.

 

صوبي جي وڏي وزير نوين پٽنڪائيڪ بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اُميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڪئمپن ۾ پناهه وٺڻ وارا جلدي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويندا. نه وسارڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهون پناهه وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن هنن مان ڪيترا ئي ماڻهون جهنگلن ۾ بُک اُڃ سهي ايستائين پهتا آهن.

 

واضع رهي ته رتوڇاڻ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ضلع ڪنڌمال ۾ گذريل اٺيتاليهه ڪلاڪن جي دوران رتوڇاڻ جو ڪو واقعو پيش ڪونه آيو ۽ صحيح حالتون ڏسندي ڪمڌمال ضلع جي نئين علائقن ۾ ڏينهن جي مهل ڪرفيو ۾ رعايت ڏني وئي آهي جڏهن ته رات جو ڪرفيو جاري آهي.

 

پر گذريل ڏينهن ڏکڻ اڙيسه جي ڪي پور شهر ۾ رتوڇاڻ جي واقعن دوران ٻه کان ٽي چرچ ۽ هڪ مشينري اسڪول کي نقصان رسايو ويو آهي. تازو ئي جي پور ۾ به ڪرفيو هنيو ويو آهي.

 

سنديپ ساهو موجب آچر تي وڏي وزير ڪجهه مهاجر ڪئمپن جو دورو ڪيو جنهن دوران ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سندس خلاف نعريبازي ڪندي ناراضگي جو اظهار ڪيو. گذريل ڇنڇر تي سخت گير هندو نظرياتي تنظيم ۽ وشو هندو پريشد جي اڳواڻ لڪشمنانند جي قتل کانپوءِ اڙيسه ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ هن دوران سموري رياست ۾ سورهن جڏهن ته صرف ڪنڌمال ضلع ۾ چوڏهن ماڻهون مري ويا. هندن الزام لڳايو آهي ته لڪشمنانند کي مقامي عيسائين قتل ڪيو آهي جڏهن ته پوليس کي شڪ آهي ته ماؤ نوازن لڪشمنانند کي قتل ڪيو آهي.

 

اڙيسه ۾ عيسائين تي پهريان به حملا ٿيندا رهيا آهن. گذريل سال به اڙيسه ۾ رتوڇاڻ ٿيا هئا ۽ عيسائين کي نشانو بڻايو ويو هو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com