پوليويا جي هڪ انقلابي اڳواڻ چيو هو ته ”نيٺ ماڻهون کي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌندا“. سندس اها ڳالهه اڄڪلهه پاڪستان جي صوبي سرحد ۽ قبائلي علائقن ۾ شدت پسندن جو رستو روڪڻ ۽ هن لاءِ هڪ حد تائين سچ ثابت ٿئي آهي ته هنن علائقن ۾ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي ماڻهون مسلح لشڪر ٺاهي رهيا آهن.
پاڪستاني حڪومت گذريل ڪيترن ئي ورهين کان طاقت، دولت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي شدت پسندي جي خاتمي لاءِ رڌل آهي پر هن ۾ گهٽتائي ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. اها ويڙهه ڪجهه سال پهريان ڏکڻ وزيرستان جي صدر وانا کان شروع ٿي هئي ۽ اڄ ست ورهين ۾ قبائلي ايجنسين ۽ صوبي سرحد جي بيشتر ضلعن تائين پکڙجي وئي آهي.
هن دوران شدت پسندن ۽ سيڪورٽي فورسز کي جيترو جاني ۽ مالي نقصان رسيو آهي هن کان گهڻو نقصان هنن علائقن جي معصوم ماڻهن کي رسيو آهي. لکين ماڻهون دربدر ٿيا، عورتن ۽ ٻارن سميت سوين بيڏوهي ماڻهون موت جو کاج بڻجي ويا. لاڳيتو جنگ سبب وڏي انگ ۾ ماڻهن جو روزگار ختم ٿيو ۽ هنن علائقن ۾ ڪاروبار ختم ٿي ويو. تعليمي ادارن کي ساڙڻ ۽ ٻين شهري سهولتن کان ماڻهن کي محروم ڪري ڇڏيو.
ڪجهه اسڪولن جي اندر ٽي سئو کان وڌيڪ قبائلي مشيرن کي ”ٽارگٽ ڪلنگ“ جو نشانو بڻايو ويو جنهن سان سوين ورهين کان موجود جرگه سسٽم ڪمزور ٿيو جڏهن ته ماڻهن جو بُري صورتحال کي منهن ڏيڻ جو حوصلو ختم ٿي ويو. حالات خراب ٿيڻ سبب ماڻهن جو صبر ختم ٿيندو رهيو ۽ هنن طالبان کي پنهنجي پنهنجي علائقن کان بي دخل ڪرڻ لاءِ مقامي لشڪر ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
هي رجحان صوبي صرحد جي ضلع بونير کان شروع ٿيو جتي مقامي ماڻهن حملو ڪري ڇهه طالبان کي ماري کين علائقي مان ٻاهر ڪڍيو. هن کانپوءِ ضلع دير ۾ مقامي ماڻهن طالبان کي علائقو ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
پشاور جي ويجهو متني جي علائقي ۾ مقامي ماڻهن جي هڪ جرگي ڇنڇر تي لڳ ڀڳ سورهن طالبان کي پوليس جي حوالي ڪيو. لڪي مروت ۽ قبائلي علائقي خيبر ايجنسي جي تحصيل لنڊي ڪوتل ۾ ماڻهن شدت پسندن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن سلسلي ۾ سڀ کان حيران ڪندڙ ڳالهه طالبان جو گڙهه سمجهيو ويندڙ باجوڙ ايجنسي ۾ ڏسڻ ۾ ايندي جٿي سيڪورٽي فورسز جون ٽن هفتن تائين ٿيندڙ حملن کانپوءِ ماڻهن هڪ مقامي لشڪر ٺاهي طالبان کي علائقي مان بي دخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
اهو سلسلو پهريان صدر مقام خار کان شروع ٿيو جٿي اڃان به مقامي مسلح رضاڪار ڏينهن رات پهرو ڏئي رهيا آهن جڏهن ته سالازئي جي تحصيل ۾ آڇر تي قبائلي لشڪر مشڪوڪ طالبان جا گهر ڊاهي ڇڏيا. باجوڙ جي مقامي ماڻهن باري ڪيل انڪوائري کي هن لحاظ کان وڏو سمجهيو ويندو آهي جو هتي وڌندڙ شدت پسندي جي خوف سان هڪ عام ماڻهون اشارن ۾ طالبان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرات نه ڪري سگهندو هو.
اڃان تائين حڪومت شدت پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ طاقت، مذاڪرات ۽ ترقياتي رٿابندي ۾ ظاهر طور تي ”ناڪام“ پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي پر حالات کان بيزار ٿيل ماڻهن جي متحرڪ ٿيڻ سان هن ۾ هڪ ”مفيد“ حڪمت عملي وڌي آهي.
پر شدت پسندي کي روڪڻ لاءِ اها حڪمت عملي جيتري ڪامياب نظر اچي رهي آهي هن سان ڪيترا ئي خطره جڙيل آهن. هنن علائقن ۾ شدت پسندن جي خلاف مقامي لشڪر طرفان ٿيندڙ ڪارواين کانپوءِ طالبان جي مقامي آبادي کي حڪومت يافته سمجهڻ شروع ڪيو آهي جنهن سان سندن غير جانبداري جي تاثر کي ظاهر طور تي وڏو ڌڪ رسيو آهي.
توڙي طالبان جوابي ڪاروائي جي حوالي سان محتاط رويو رکيوآهي پر جيڪڏهن هن ۾ شدت وڌندي ۽ گهيرائو سوڙهو ٿيندي ڏسي ڪري اُهي مقامي آبادي کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
ان ڪري ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته مقامي ماڻهن جي متحرڪ ٿيڻ سان هلندڙ جنگ ۾ ويڙهاڪ ٻئي ڌرين جو ڪردار بدلجي سگهي ٿو. ڪالهه تائين حڪومت ۽ طالبان ٻئي آمهون سامهون هئا جڏهن ته مقامي آبادي وٽ خاموش رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونه هيو پر هاڻي مقامي آبادي لشڪر جي وجود ۾ اچڻ سان طالبان ۽ مقامي آبادي جو دوبدو مقابلو ٿي سگهي ٿو جنهن سان ظاهر طور تي ”سول وار“ جو خطرو آهي.
مبصرن جو خيال آهي ته هن حڪمت عملي جي ڪاميابي ۽ هن سان گڏ پيدا ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ متعلقه علائقن جي عوام جي وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ مفيد رابطي جي گهرج آهي.
بي بي سي جي ٿورن سان