آمريڪي عورتن جي وڏي انگ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اُميدوار جان ميڪين جي نائب صدر ساره پالن جي چونڊ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي پنهنجو ووٽ ڊيمو ڪريٽڪ اُميدوار بارڪ اوباما کي ڏنو آهي. گيرن هرٽ يانگ ريسرچ گروپ جي سروي ۾ 10 مان 6 عورتن جو چوڻ آهي ته جان ميڪين پنهنجي دوست اُميدوار جو چونڊ سياسي نه بلڪ ساره پالن جي تجربي ۽ صلاحيتن کي ڏسي ڪيو آهي.
56 سيڪڙو عورتن جو چوڻ آهي ته کين ساره پالن جي قانون سازي جي حوالي سان گذريل رڪارڊ تي ڏاڍي ڳڻتي آهي ڇاڪاڻ ته هن بطور گورنر صرف اسقاط حمل بلڪ پري ڪنڊر ڪارٽن پروگرام جي مخالفت ڪئي هئي جنهن سبب سندس حمايت نه ڪنديون. سروي ۾ ٻاونجاهه سيڪڙو عورت ووٽرن نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ باراڪ اوبامه جڏهن ته 41 سيڪڙو جان ميڪين کي ووٽ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.