کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > سائبريا ۽ روس کان پکي پاڪستان اچي رهيا آهن

سائبريا ۽ روس کان پکي پاڪستان اچي رهيا آهن

ويچار ڊيسڪ
September 8th, 2008

سائيبيريا ۽ روس جي علائقن ۾ برف باري جو سلسلو شروع ٿيڻ سبب هتان جا رنگين پکي لڏپلاڻ ڪري پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پاڪستان ايندڙ مهمان پکين ۾ سرخاب، ڪونج، مرغابيون، وسلر، تتر، بٽير، نيل شاولر، ڪارگني ۽ ريڊ ڪرسٽل سميت سئو کان وڌيڪ قسمن جا پکي شامل آهن.

 

پاڻي ۽ خشڪي جي هنن پکين جا ٽولا طويل پرواز ڪري هر سال سياري جي مُند ۾ هتي ايندا آهن جڏهن ته هتي گرميون شروع ٿيڻ کان پهريان ئي هو پنهنجي ديس موٽي ويندا آهن، هنن پکين جي صلاحيت آهي ته سڄي رات سفر ڪندا آهن ۽ ڏينهن جو آرام ڪندا آهن.

 

ريسرچ سان معلوم ٿيو ايه ته پهريان سيپٽمبر جي آخر تائين لکين ماده پکي لڏپلاڻ ڪري پاڪستان پهچندا هئا جڏهن ته نئين نسل جا لکين نر پکي نومبر جي آخر تائين پنهنجي خاندان سان ملڻ ايندا آهن. اهي پکي 6 مهينن تائين هتي رهندا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com