ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن جي دوران ڪرپشن وڌي آهي جنهن جي ڪارڻ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي جڏهن ته انساني حقن تي به خطرناڪ حد تائين اثر ٿيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب کي خطاب ڪندي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين عادل گيلاني هلندڙ سال جي حوالي سان ڪرپشن جو انڊڪس جاري ڪيو.
انڊيڪس موجب ڊنمارڪ، سويڊن ۽ نيوزي لينڊ ۾ ڪرپشن جي شرح دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي جڏهن ته صوماليا کي ڪرپٽ ترين ملڪ چيو ويندو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ڪرپٽ ملڪن ۾ 46 نمبر تي ۽ هندستان 95 نمبر تي آهي. عادل گيلاني جو چوڻ هو ته گذريل 10 سالن کان ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي آهي جنهن ڪارڻ پاڪستان معاشي بحران جو شڪار ٿيو آهي. عادل گيلاني جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سياسي عزم، صاف انتظاميا، آزاد عدليه ۽ بغير ڪنهن فرق جي احتساب وارو عمل اختيار ڪرڻو پوندو.