کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > اوباما ميڪ ڪين کي مات ڏئي ڇڏي

اوباما ميڪ ڪين کي مات ڏئي ڇڏي

ويچار ڊيسڪ
September 25th, 2008

اربع تي جاري ٿيل راء عامه جي هڪ نئين جائزي سان ظاهر ٿيو آهي ته ڊيموڪريٽڪ صدارتي اُميدوار براڪ اوباما کي سندس ريپبلڪن مخالف جان ميڪ ڪين ۽ ٻنهيءَ پارٽين جي ڪنونشن کانپوءِ پهريون ڀيرو وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.

 

اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي نيوز پاران ڪرايل هن سروي رپورٽ کان معلوم ٿيو آهي ته اوباما کي امڪاني ووٽرن ۾ ميڪ ڪين تي نو سيڪڙو پوائنسٽس جي برتري حاصل آهي. هي مقابلو تڏهن ڏکيو يو جڏهن جان ميڪ ڪين کي ٻه هفته اڳ سندس پارٽي جي ڪنونشن ۾ باقاعده نامزد ڪيو ويو هو.

 

واشنگٽن پوسٽ چيو ته اوباما جي حمايت ان ڪري وڌي آهي جو ووٽرن کي آمريڪي مالياتي کاتي جي هاڻوڪي بحران ۽ ملڪ جي معيشت جي حالت تي ڳڻتي آهي. سروي ۾ شمال ماڻهن اوباما کي معيشت کي منهن ڏيڻ ۾ ميڪ ڪين جي مقابلي ۾ گهڻا پوائنٽ ڏنا آهن.

 

ٻئي صدارتي اُميدوار آڪسفورڊ مسي سپي ۾ خمس جي رات ٽيلي ويزن تي پنهنجي پهرين مباحثي ۾ هڪ ٻي جي آمهون سامهون ٿيندا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com