کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > عوام طالبان سان وڙهڻ لاءِ تيار

عوام طالبان سان وڙهڻ لاءِ تيار

ويچار ڊيسڪ
September 25th, 2008

سرحد صوبي جي اوڀر جابلو ضلع بونير ۽ دير کانپوءِ ٻين علائقن خاص طور تي باجوڙ، خيبر ارجنسي، پشاور ۽ چار سده ۾ عام ماڻهن طالبان ويڙهاڪن جي خلاف ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. باجوڙ جي روايتي قبائلي جرگي هڪ درخواست جي ذريعي حڪومت تي دٻاءُ ڏنو آهي ته هو طالبان ويڙهاڪن جي خاتمي تائين علائقي ۾ فوجي ڪاروايون جاري رکي.

 

پشاور جي ويجهو متي ۾ امن ڪاميٽي ۾ شامل رضاڪارن سيڪورٽي فورسز جي ٽولن سان ڪيئين ڳوٺن ۽ روڊن تي پهرو ڏيڻ شروع ڪيا آهن جڏهن ته خيبر ايجنسي جي ويجهي علائقي جمرود ۾ مُلا گوري قبيلن طالبان ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪري کين ڀڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

 

پر سوات ۾ حالات ۽ صورتحال اڃان تائين هن جي اُبتڙ هئي، جٿي لاڳيتو ڪرفرو کان متاثر ماڻهون فوج جي ڪردار تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

ڪيترن ئي علائقن ۾ طالبان جي خلاف عوامي ردعمل باري قبائلي امور جي ماهر برگيڊيئر رٽائرڊ محمود شاهه ٻڌايو ته مامرو ضلع مروت کان شروع ٿيو. هنن ٻه ٽي مقابلا به ڪيا آهن ۽ اڃان تائين هو آرام سان ويٺا آهن ۽ طالبان هتي ڪنهن به قسم جي حرڪت نه ٿا ڪري سگهن.

 

سندس چوڻ آهي ته باقي جاين تي به ساڳيو امن امان بحال ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن قوت ارادي جو مظاهرو ڪيو وڃي. آئون نه ٿو سمجهان جو طالبان هتي داخل ٿي سگهن ٿا.

 

ٻي پاسي انتظاميه خمس تي باجوڙ ۾ ٻارهن عسڪريت پسندن کي مارڻ جي دعوي ڪئي آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com