اُتر وزيرستان ۾ آمريڪي حملو:
20 ماڻهون مارجي ويا ۽ بيشمار زخمي.
ڪرم ايجنسي: بيشمار زخمي
قبيلن درميان چڪرين ۾ بيشمار ماڻهون زخمي.
ڪشمور:
ڪشمور ۾ ڪنو پاڻي پيئڻ سان 5 ٻار مري ويا جڏهن ته 20 ماڻهون بيهوش.
ڪرڪ:
تيز رفتار گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سان 6 ماڻهون مارجي ويا جڏهن ته 8 زخمي ٿيا.
آزاد ڪشمير:
مسافر گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سان 10 ماڻهون مارجي ويا جڏهن ته 10 زخمي.
چيچه وطني:
ٽريفڪ حادثي ۾ ٻه ڇوڪريون مارجي ويون جڏهن ته ماءُ زخمي.
ڪراچي:
ڪار ڪلٽي ٿيڻ سان ٻه ماڻهون زخمي.
منڊي بهاؤالدين:
بس ڪلٽي ٿيڻ سان 30 ماڻهون زخمي.
بلوچستان:
فائرنگ سان هڪ ماڻهون مارجي ويو جڏهن ته ٻه عورتون زخمي.
ڪشمور:
مڙس فائرنگ ڪري ذال ۽ سندس يار کي قتل ڪري ڇڏيو.
تونسه:
ٻارن جي جهيڙي ۾ ٻه ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهون مارجي ويا.
ڪراچي:
لانڍي ۾ فائرنگ سان هڪ ماڻهون مارجي ويو ۽ ڦرمار ۾ فائرنگ دوران ٻه ماڻهون زخمي.
لاهور:
تيز رفتار گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهون زخمي.
جهلم:
درياهه ۾ وهنجندي هڪ نوجوان ٻُڏي فوت.
پشاور:
چيڪ پوسٽ تي ميزائل ڪرڻ سان هڪ سيڪورٽي اهلڪار مارجي ويو.
حيدر آباد:
هاءِ وي تي حادثي ۾ 6 ماڻهون مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمي.
سکر:
گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻه ڇوڪريون مري ويون جڏهن ته 4 ماڻهون زخمي.