کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > شهر شهر ملڪ ملڪ > چين جي باني مائوزي تنگ جو جهاز وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو

چين جي باني مائوزي تنگ جو جهاز وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو

ويچار ڊيسڪ
October 5th, 2008

عوامي جمهوريه چين جي باني مائوزي تنگ جو ذاتي جهاز وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. بيجنگ ۾ هي جهاز هڪ شاپنگ سينٽر جي مالڪ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي ته جيئن هن هنڌ کي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هڪ چيني اخبار موجب هي جهاز هنن ٽن جهازن مان هڪ آهي جيڪي چيني فضائيا 1969 ۾ پاڪستان کان خريد ڪيا هئا.

 

پراپرٽي ڊيويلپرز جي مئنيجر 46 ميٽر طويل جهاز کي وڪڻڻ لاءِ پيش ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان وٽ پارڪنگ لاءِ وڌيڪ جاءِ ناهي ان ڪري اسين هي جهاز وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن جهاز جي قيمت نه ٻڌائي. پاڪستان کان خريد ڪيل ٽن جهازن مان هڪ جهاز مائوزي تنگ کي ڏنو ويو هو. هڪ جهاز ليب بياؤ ۽ هڪ جهاز فوج لاءِ رکيو ويو هو. پر لين بياؤ جو جهاز 1971 ۾ منگوليا ۾ ڪرڻ سبب تباهه ٿي ويو هو. باقي ٻه جهاز 1986 تائين ڪم ڪندا رهيا. جنهن کانپوءِ مائوزي تنگ جي جهاز کي عوامي نمائش لاءِ رکيو ويو جنهن کانپوءِ هڪ پراپرٽي ڊيوليزز ڪمپني خريد ڪري ورتو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com